مڪو پاڪ- پهرين جون (اي پي پي)سعودي عرب جي صحت واري وزارت چيو آهي ته حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائ?? لاءِ صحت واري وزارت قدم مڪمل ڪري ورتا آهن. سعودي عرب جي نشرياتي اداري مط??بق سعودي عرب جي صحت واري وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هلندڙ سال حج سيزن دو??ان حاجين کي صحتمند خدمتن جي فراهمي لاءِ 14 هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي هيلٿ سينٽر قائم ڪيا ويا آهن. بيمارين جي روڪٿام لاءِ هوائي اڏن، بندرگاهن ۽ زميني سرحدي چيڪ پوسٽن تي احتياطي قدم کنيا پيا وڃن. صحت بابت انتظام حج سيزن دو??ان پانڌيئڙن کي بيمارين کان محفوظ بڻائڻ جي پهرين دفاعي لائين آهي. وزارت جي ڪوشش آهي ته حج سيزن دو??ان وبائي بيمارين جي پکيڙ کي روڪي سگهجي. هڪ طرف بيمارين جي پکيڙ جي روڪٿام لاءِ انتظام ڪيا آهن ته ٻئي پاسي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي علاج جون بهترين سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن. وزارت چيو آهي ته حاجين جي سامن تي به ڪجهه پابنديون لڳايون ويون آهن. صحت جي عالمي اداري جي رپورٽن جي تناظر ۾ صحت پاليسي تي نظرثاني ڪئي پئي وڃي.
حج سيزن کي بيمارين کان پاڪ بڻائڻ لاءِ صحت واري وزارت پنهنجا قدم مڪمل ڪيا آهن: سعوي عرب جي صحت واري وزارت
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔