غزه -07 نومبر (اي پي پي) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي اڳواڻ اسامه بن حمد چيو آهي، ته غزه جي پٽي تي ڪا به ڪٺ ??تلي حڪومت قبول نه ڪنداسين. هن پريس ڪانفرنس ۾ حماس کان سواءِ غزه ۽ غزه جي مستقبل جو تعين ڪرڻ واري آمريڪي تجويز کي رد ڪندي چيو ته جيڪي اهو س??چي ر??يا آهن ته حم??س ختم يا غائب ٿي ويندي انهن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته ڪا به زميني طاقت حماس کي نه ختم ڪري ٿي سگهي ۽ نه ئي ان جي اثرن کي گهٽائي سگهي ٿي، حماس ئي غزه ۾ رهندي. هن چيو ته حماس فلسطيني عوام جي دلين ۾ ۽ انهن جي شعور ۾ رهندي، ڪا به زميني طاقت حماس کي ڪمزور نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته اسرائيل جي اتحادي آمريڪا حماس کي ميدان تان هٽائڻ جي ر??ابندي ڪئي آهي، هي تصور بلڪل ئي اهڙو آهي جهڙو ٻي جنگ عظيم دوران نازين جي ڪٺ ??تلي ر??است فرانس ۾ ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي هئي. هن چيو ته اسان جا ماڻهو آمريڪا کي پنهنجي مٿان مسلط ٿيڻ نه ڏيندا. اهڙي انتظاميه جيڪا آمريڪا ۽ اسرائيل لاءِ سٺي هجي اسان جا ماڻهو اهڙي حڪومت غزه ۾ ڪڏهن به قبول نه ڪندا.
غزه تي ڪا به ڪٺ پتلي حڪومت قبول ناهي: حماس
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل