باڪو-12 نومبر (اي پي پي) گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان گذريل ڏينهن ڪوپ-29 ورلڊ ليڊرز ڪلائمينٽ ايڪشن ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ مستقبل لاءِ مضبوط موسمياتي معيشت جي تعمير ۾ مدد لاءِ گڏيل عرب امارتن جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گڏيل عرب امارتن جي خابرو اداري م??جب ڪوپ-29 موسمياتي عالمي سربراهي ڪانفرنس ۾ پنهنجي شرڪت جي م??قعي تي شيخ محمد بن زايد ماحولياتي تحفظ ۽ـ پائيدار ترقيءَ جي اصولن لاءِ گڏيل عربن امارتن جي گهري پاڙن واري م??راث ۽ عزم کي اجاگر ڪي??. ه?? ان ڳالهه تي روشني وڌي ته ان لڳن سبب گڏيل عرب امارتن گذريل سال ڪوپ-28 جي م??زباني ڪئي جنهن دوران ملڪ پيرس معاهدي جي هدفن کي حاصل ۾ اڳڀرائيءَ جو جائزو وٺڻ لاءِ پهرين گلوبل اسٽاڪ ٽيڪ جو اثرائتو جواب فراهم ڪرڻ لاءِ عالمي سهڪار جي حمايت ڪئي. هن چيو ته موسمياتي ايڪشن تي جاري تعميري عالمي سهڪار پائيدار اقتصادي ۽ سماجي ترقي جي هڪ نئين دؤر جي راهه هموار ڪري سگهي ٿو، جن??ن سان سمورين قومن کي فائدو ٿئي. هن موسمياتي ايڪشن کي بار بجاءِ ترقيءَ جي هڪ منفرد موقعي تي طور پيش ڪيو ۽ اهو نوٽ ڪيو ته ڪوپ-28 ۾ پيش ڪيل تاريخي گڏيل عرب امارتن جو اتفاق راءِ توانائي جي شعبي ۾ هڪ منظم، ذميدار، منصفاڻو ۽ عقلي م??تقلي کي حاصل ڪرڻ لاءِ هڪ گڏيل عالمي عزم جي تصديق ڪري ٿو. ان معاهدي پيرس معاهدي جي عزمن کي پورو ڪرڻ لاءِ هڪ روڊ ميپ به فراهم ڪيو ۽ گذريل مالياتي وعدن لاءِ وابستگي ۽ سڀ کان وڌيڪ ڪمزور قومن ۽ ڪميونٽيز لاءِ موسمياتي فنڊنگ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڪوششن ذريعي گهڻ رُخي نظام ۾ اعتماد بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب رهي??. ه?? سمورين ڌُرين کان مطالبو ڪيو ته هو تقسيم تي گڏيل تفهيم ??ي ترجيح ڏين ۽ ان ڳالهه تي زور ڀريو ته هاڻي اجتماعي مشن انسانيت جي بهتريءَ لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ آهي. ڪوپ-29 آمد تي شيخ زايد جو استقبال آذربائيجان جي صدر الهام علي يوف ۽ گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوٽيرش ڪي??. ه?? ڪيترن ئي وفدن جي سربرا??ن سان دوستاڻي ڳالهه ٻولهه ۾ به حصو ورتو. صدر سان گڏ گڏيل عرب امارتن جي وفد عالمي اڳواڻن جي م??سمياتي ايڪشن سربراهي اجلاس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. آذربائيجان جي صدارت ۾ ڪوپ-29 موسمياتي ڪانفرنس جي م??زباني باڪو ۾ 11 کان 22 نومبر تائين ”هڪ سبز دنيا لاءِ گڏ“ جي عنوان تحت جاري آهي.
گڏيل عرب امارتن جي صدر شيخ محمد بن زايد النهيان جي ڪوپ-29 ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس ۾ شرڪت
مضمون کا ماخذ : بہت سے نتائج