اسل??م آباد – 10 آگسٽ (اي پي پي) و??ير??عظم عمران خان سان گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 75 هين اجلاس جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر ملاقات ڪئي. و??ير??عظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب و??ير??عظم عمران خان وولڪن بوذڪر کي گڏيل قومن جي 75 هين تاريخي اجلاس جو صدر چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني. ملاقات ۾ و??ير??عظم ??يس ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي سنگين صورتحال کان آگاهه ڪيو ۽ چيو ته اهو تڪرار 7 ڏهاڪن کان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ايجنڊا تي آهي. و??ير??عظم 5 آگسٽ 2019ع کان ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بنيادي ۽ انساني حقن جي وڏي پئماني تي ۽ منظم انداز سان ڪيل خلاف ورزين ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي صورتحال ۽ ڀارت پاران علائقي جي ڊيموگرافڪ اسٽرڪچر کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن زور ڏنو ته گڏيل قومون ان سنگين صورتحال ۽ گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشميري عوام کي انهن جي خودمختياري جو هق ڏيارڻ جي لاءِ پ??هنجو ڪردار ادا ڪري. و??ير??عظم ??يس ڪووي?? 19 ??ي وبا جي معاشي ۽ سماجي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پ??هنجي حڪومت پاران کنيل قدمن، جنهن جو مقصد عوام جي زندگي بچائڻ سان گڏ انهن کي زندگي جون ضرورتون فراهم ڪرڻ ۽ معيشت جو ڦيٿو هلائڻ پڻ هو بابت پڻ آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته سندس حڪومت معاشري جي ضرورتمند ۽ مستحق طبقن جي لاءِ 8 ارب ڊالر امدادي پئڪيج ڏنو. اهو پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪنهن حڪومت پاران ڏنو ويندڙ سڀ کان وڏو سماجي تحفظ جو پئڪيج هو.
وزيراعظم عمران خان سان گڏيل قومن جي نئين چونڊيل صدر وولڪن بوذڪر جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : لاہور لاٹری