ڪراچي – 23 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??ان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل (پي سي ايف آر) جي وفد هتي سنڌ جي گورنر هائوس ۾ ملاقات ڪئي آهي. ملاقات دوران وفد ڊاڪٽر عارف علوي کي ٻڌايو ته ڪهڙي طرح پي سي ايف آر ڪراچي ۾ ٿنڪ ٽينڪ جي حيثيت سان ڪم ڪري رهيو آهي ۽ سفارتي معاملن ۾ حڪومت جي مدد ڪري رهيو آهي. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته حڪومت سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسي جي شعبن ۾ تحقيقي ڪمن لاءِ پرڏيهي آف??س جي ذريعي ملڪ ۾ يونيورسٽين سان رابطا ڪي?? آهن، صدر وفد کي خاطري ڪرائي ته پرڏيهي وزارت جي ذريعي پرڏيهي آف??س ۽ پي سي ايف آر جي وچ ۾ رابطن کي به مضبوط بڻايو ويندو. غير ملڪي سفارتڪارن سان بهتر لاڳاپا برقرار رکڻ ۾ پي سي ايف آر جي ڪردار جو اعتراف ڪندي صدر چيو ته صارفين جي تعداد ۾ اضافي جي لاءِ آف??س کولي پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جو دائرو وسيع ڪرڻ جو مشورو به ڏنو. سفارتخاني جي سطح تي غير ملڪي سفيرن ۽ معزز شخصيتن سان ڳالهين سان بهتر رابطا پيدا ٿيندا ۽ ملڪ جو مثبت تشخص اجاگر ڪرڻ ۾ مدد ملندي
صدر سان پرڏيهي لاڳاپن بابت پاڪستان ڪائونسل جي وفد جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena