اسلام آباد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستا?? جي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪندي عالمي برادري تي زور ڏنو آهي ته هو افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري جڏهن ته وزيراعظم عمران خان هدايت ڪئي آهي ته افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪيو ??ڃي. قومي سلامتي ڪميٽي جو 34 هون اجلاس وزيراعظم عمران خا?? جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، جنهن ۾ افغانستا?? جي موجوده صورتحال تي خيال?? جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا جي لاڳاپيل ميمبرن، سمورن سروسز چيفس ۽ انٽيليجنس ادار?? جي سربراهن شرڪت ڪئي. وزيراعظم کي علائقائي سلامتي جي صورتحال خاص طور تي افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۽ ان جا پاڪستان تي امڪاني اثرن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، قومي سلامتي ڪميٽي هڪ خودمختيار پرامن ۽ مستحڪم افغانستا?? جي پاڪستا?? جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ڪميٽي جي شرڪت ڪندڙن افغانستان ۾ خراب انساني صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ??ه ضرورت ان ڳا??هه جي آهي ته عالمي برادري انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪري، اجلاس جي دوران افغانستا?? جي عبوري حڪومت سان تعميري، سياسي ۽ اقتصادي ڳا??هه ٻولهه جي حوالي سان عالمي رابط?? جي اهميت تي ر??شني وڌي وئي. وزيراعظم عمران خان افغانستان مان عالمي انخلا جي ڪوششن ۾ پاڪستا?? جي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ??ه پوري دنيا پاڪستا?? جي ان مثبت تعاون جو اعتراف ڪيو ??هي. ڪميٽي جي ميمبرن خطي جي بدلجندڙ صورتحال کي انتهائي پيچيده قرار ڏيندي چيو ??ه افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي عدم استحڪام جا پاڪستان تي به شديد اثر پئجي سگهن ٿا. ان نقطه نظر سان اتفاق ڪندي وزيراعظم ان ڏس ۾ جامع پاليسي ڪوشش?? جي ضرورت تي زور ڏنو، هن هدايت ڪئي ته انساني امداد جي فراهمي ۽ پاڪستان ۾ ڪنهن قسم جي منفي اثرن کي ر??ڪڻ ۽ موثر بارڊر مينيجمينٽ لاءِ هڪ مخصوص سيل بڻايو ??ڃي ته جيئن افغانستان ۾ مختلف ڪوششن کي هم آهگ ڪري سگهجي.
قومي سلامتي ڪميٽي پاران خودمختيار، مستحڪم ۽ پرامن افغانستان جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ، عالمي برادري تي افغانستان ۾ انساني بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ مدد ڪرڻ تي زور، وزيراعظم پاران افغانستان بابت ڪيل ڪوششن کي هم آهنگ ڪرڻ لاءِ خصوصي سيل قائم ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria