اسلام آباد – 11 – نومبر (اي پي پي) پر??يهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو، پاڪستان ذميوار ملڪ آهي، امن ۽ استحڪام ۾ دنيا جي لاءِ ۽ علائقائي فائدا آهن، بگاڙ پيدا ٿيو ته ڪو به بچي نه سگهندو. ٽرائيڪا پلس کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي پر??يهي وزير چيو ته مون اجلاس جي شرڪت ڪندڙن کي ٻڌايو ته افغانستان جي صورتحال جي حوالي سان پاڪستان ذميواراڻو رويو اختيار ڪيو آهي، پاڪستان افغانستان جي سمورن پاڙيسري ملڪن سميت روس کي به گهرايو ۽ هاڻي اسان چين جي طرف وڃي رهيا آهيون. پر??يهي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي اسان پاڻ ۾ ڳالهيون ڪري رهيا آهيون، اسان ڪنهن کي قائل ڪري رهيا آهيون جنهن کي قائل ڪرڻو آهي جيستائين اهو ميز تي نه هوندو ته اهي گفتن، نشتن ۽ برخاستن جي برابر آهي، ان لاءِ ايندڙ ويهڪ ۾ طالبان کي هجڻ گهرجي. هن چيو ته بيجنگ اجلاس ۾ طالبان کي د??وت ڏينداسين ته جيئن انهن جي خدشن کي به ٻڌي سگهجي. هن چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ملڪ آهي ۽ ان جا خدشا اسان دنيا سان شيئر ڪنداسين. پر??يهي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ امن قائم ٿئي ٿو ته ان جا گلوبل ۽ علائقائي فائدا ٿيندا ۽ جيڪڏهن بگاڙ پيدا ٿيو، پاڪستان متاثر ته ٿيندو پر توهان به بچي نه سگهندا، اهو چوڻ ته يورپ پري آهي ۽ محفوظ آهي. هن چيو ته وساريو نه ۽ تاريخ مان سبق سکو، اسان تاريخ مان سبق سکي ورتو آهي.
افغانستان بابت بيجنگ ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ طالبان دعوت ڏينداسين، جنهن کي قائل ڪرڻو آهي ان کي ميز تي آڻڻو پوندو: شاهه محمود قريشي
مضمون کا ماخذ : loteria instantânea