اسلام آباد – 25 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته باني پاڪس??ان قائداعظم محمد علي جناح پاڪس??ان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو آهي، عمران خان اهڙو پاڪس??ان بڻائڻ جي لاءِ ڪوشش ڪري رهيو آهي جيڪو ماڊرن ۽ ترقي پسند ملڪ هجي ۽ اسلامي دنيا کي ليڊ ڪري. اها ڳالهه هن قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي چئي. چوڌري فواد حسين چيو ته قائداعظم محمد علي جناح پاڪس??ان ۾ اقليتن جي حقن جي تحفظ جو ويزن ڏنو، پاڪس??ان اقليتن جي حقن جي تحفظ جي نالي تي ٺهيو. وزيراعظم عمران خان باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح جي نقش قدم تي هلندي ملڪ کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن چيو ته اڄ اس??ن نئون پاڪس??ان جي ڳالهه ڪريون ٿا ته هي اهو ئي خواب آهي جيڪو علامه محمد اقبال ڏٺو جنهن کي قائداعظم محمد علي جناح پڄاڻي تي پهچايو. هن چيو ته اس??ن جا سمورا قدم قائداعظم جي سوچ جو عڪاس آهن، اهو ئي اهو پاڪس??ان آهي جنهن جي لاءِ پاڪس??ان تحريڪ انصاف جدوجهد ڪري رهي آهي. ان کان اڳ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، انساني حقن واري وفاقي وزير ڊاڪٽر شيرين مزاري، ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ عا??ر محمود ڪياني ۽ سينيٽر سيف الله نيازي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ ڪرسمس جو ڪيڪ ڪاٽيو. ان موقعي تي هنن قوم کي قائداعظم محمد علي جناح جي سالگرهه ۽ مسيحي برادري کي ڪرسمس جي مبارڪباد ڏني.
باني پاڪستان قائداعظم محمد علي جناح پاڪستان کي اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جو ويزن ڏنو، وزيراعظم عمران خان قائداعظم جي مشن جي نگهباني ڪري رهيو: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری نمبر