اسلام آباد – 02 فيبروري (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي دعوت تي ونٽر اولمپڪ گميز جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ 3 کان 6 فيبروري 2022ع تي چين جو دورو ڪندو. ڪابينا جي ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن سميت اعليٰ سطح جو وفد به وز??راعظم سان گڏ هوندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب ٽن ڏينهن جي دوري دوران وز??راعظم عمران خان، صدر شي جن پنگ ?? چيني وز??راعظم لي ڪي چيانگ سان ملاقات ڪندو. پاڪستان ۽ چيني اڳواڻ ملاقاتن ۾ سي پيڪ سميت مستحڪم واپاري ۽ خاص طور تي اقتصادي تعاون سميت ٻطرفي لاڳاپن جي سڀني رخن جو جائزو وٺندا، پاڪستاني ۽ چيني اڳواڻ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي به وڏي پئماني تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندا، وز??راعظم بيجنگ ?? چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن ۽ چين جي ٿنڪ ٽينڪس، تعليمي ادارن ۽ ميڊيا جي اڳواڻن سان به ملاقات ڪندو، وز??راعظم ان موقعي تي ٻيون ٻطرفيون ملاقاتون به ڪندو، هڪ عالمي ايونٽ جي طور تي سرمائي اولمپڪ گيمز جو دنيا جي ماڻهو جي وچ ۾ گڏيل افهام ۽ تفهيم، شموليت ۽ دوستي کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار آهي. بيجنگ جلد ئي اولمپڪ گميز جي سردي ۽ گرمي واري مند ٻنهي ايڊيشن جي ميزباني ڪرڻ وارو پهريون شهر بڻجي ويندو، اها ڳالهه انتهائي واکاڻ جوڳي آهي ته چيني حڪومت ڪووڊ – 19 وبا جي باوجود سرمائي اولمپڪ گيمز جي انقعاد لاءِ محتاط انتظام ڪري رکيا آهن. وز??راعظم جو اهو دورو پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ حصيداري کي بلندين جي نئين سطح تائين وٺي وڃڻ لاءِ ٻطرفي عزم جي تجديد ڪندو ۽ ڪيترن ئي شعبن ۾ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏيندو. ان دوري دوران ڪيترن ئي ايم او يوز ۽ معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون.
وزيراعظم 3 کان 6 فيبروري تائين چين جو دورو ڪندو
مضمون کا ماخذ : quina acumulada