اسلام آباد – 12 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو ??هي ته آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو ??يئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪري ڇڏيو، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا، سياسي سرگرمين جي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي نه، ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم نه ٿيندو، اميد ??هي ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو ??صو بڻجندي، اتحادي حڪومت ??هي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن وزيراعظم هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪيو. وزيراعظم چيو ته هاڻي پنجاب اسپيڊ نه پاڪستان اسپيڊ ٿيندي، ڪنهن ملڪي وسيلن جو ناجائز استعمال ڪيو ته قانون جو ??ستو اختيار ڪنداسين، هڪ سوال جي جواب ۾ وزيراعظم چيو ته متحده ميمبرن سان ملي آيو آهيان، سڀاڻي مزار قائد ويندس، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پارليامينٽ جو مدو ڏيڍ سال آهي، اسان کي ڪيترو عرصو رهڻو ??هي اهو فيصلو اتحادي گڏجي ڪندا، (ن) ليگ جي سوچ ??هي ته سڌارا ڪريون ۽ اليڪشن ۾ وڃون، هن چيو ته سڀ کان وڏو چئلينج تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ آهي. هڪ سوال تي هن چيو ته سياسي سرگرمين جي سڀني کي اجازت آهي، انتشار پکيڙڻ جي اجازت نه ڏينداسين. هن ان اميد جو ??ظهار ڪيو ته پيپلزپارٽي ڪابينا جو ??صو بڻجندي. هن چيو ته اتحادي حڪومت ??هي سڀني کي حصو بڻجڻ گهرجي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيڪڏهن صدر جي طبيعت ٺيڪ نه ??هي ته الله کيس صحت ڏي، آئين ٽوڙيندڙن جي خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو ??يئن عمل ڪنداسين. هن چيو ته مهانگائي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ شارٽ ۽ ميڊيم ٽرم پلان ٺاهي رهيا آهيون، ڳالهين سان قومون ناهن ٺهنديون، آچر تي به ڪم ڪرڻو پوندو، ٻه موڪلون خوشحال قومون ڪنديون آهن. وزيراعظم چيو ته اسان ڪنهن کي ڪجهه نه چونداسين، ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، ادارن جي خلاف مهم هلائيندڙ قانون جي پڪڙ ۾ ايندا. هڪ سوال تي هن چيو ته ڪشمير، افعانستان تي بريفنگ پارليامينٽ ۾ ٿي ته ليٽر گيٽ تي ڇو نه، مودي کي مشورو ڏنو ??هي ته ڪشمير مسئلو حل ڪري پائيدار امن طرف هلون. وزيراعظم چيو ته اسٽيٽ بئنڪ جي گ??رن?? جي مستقبل تي به مشاورت ٿيندي، تحريڪ انصاف وارا خزانو خالي ڪري ويا آهن، عمران خان دوست ملڪن کي به ناراض ڪيو، جيڪي ملڪ دوست بڻجڻ چاهيندا هئا، انهن سان به لاڳاپا خراب ٿيا. هن وزيراعظم هائوس کي پاڪستان هائوس ۾ تبديل ڪرڻ جو ??علان ڪندي چيو ته وزيراعظم هائوس ۾ پوري پاڪستان مان بيوروڪريسي آڻينداسين، بيوروڪريسي تي واضح ڪري ڇڏيو ??هي ته ميرٽ کان هٽي ڪري ڪو ڪم چوان ته منع ڪري ڇڏيو، وزيراعظم چيو ته هر فيصلو مشاورت سان ڪيو ويندو.
آئين ٽوڙيندڙن خلاف سپريم ڪورٽ جي حڪم تي جيئن جو تيئن عمل ڪنداسين، تباهه حال معيشت ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ سڀ کان وڏو چئلينج آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania