اسلام آباد – 20 – اپريل (اي پي پي) پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو آهي ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ج??ري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان ا??ته??ئي اهميت رکندڙ آهي، افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بنائڻ ??ا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. اهڙن خيالن جو اظهار هن افعانستان بابت خصوصي ??ما??ندي ايمبيسڊر محمد صادق سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن پرڏيهي وزارت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. ايڊيشنل سيڪريٽري افعانستان عامر آفتاب قريشي ۽ ڊي جي افغانستان آصف ميمڻ پڻ ان موقعي تي موجود هئا. افغانستان بابت خصوصي ??ما??ندي ايمبيسڊر محمد صادق افغانستان ۽ خطي ۾ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان پرڏيهي معاملن و??ري مملڪتي وزير کي تفصيلي بريفنگ ڏني. حنا رباني کر ان موقعي تي چيو ته افغانستان مان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز کي نشانو بڻائڻ ??ا واقعا ڳڻتي جوڳا آهن. هن چيو ته پاڪستان، افغانستان جي آزادي، خودمختي??ري ۽ علائقائي سلامتي جو احترام ڪري ٿو، پاڪستان جي لاءِ مستحڪم ۽ پرامن افغانستان ا??ته??ئي اهميت رکندڙ آهي، پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون ج??ري رکندو.
پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکڻ جي لاءِ پرعزم آهي: مملڪتي وزير حنا رباني کر
مضمون کا ماخذ : نمبروں دا میگا سینا