ڪوئيٽا – 23 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بل??چس??ان جي وسيلن تي پهريون حق بل??چس??ان جي عوام جو آهي، صوبي ۾ پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي. اه??ن خيالن جو اظهار هن بل??چس??ان سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ ميمبرن سان ڳالهائيندي ڪيو. ان موقعي تي وفاقي وزير احسن اقبال، مولانا اسعد محمود، مولانا واسع، نوابزاده شاهه زين بگٽي، اس??ار ترين، بل??چس??ان جو وقتي گورنر جان محمد جمالي، بل??چس??ان جو وڏو وزير مير عبدالقدوس بزنجو، صوبائي وزير ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن جو وڏو انگ موجود هو. وزيراعظم چيو ته پنهنجي واعدي موجب حڪومت ٺهڻ جي ٻن هفتن دوران ئي توهان جي خدمت حاضر ٿيو آهيان، الله ??عا??يٰ بل??چس??ان کي بي حساب قدرتي وسيلن سان نوازيو آهي. هن چيو ته اسان کي ماضي جي غلطين مان سکڻو آهي، بل??چس??ان جي وسيلن تي پهريون حق بل??چس??ان جي عوام جو آهي، جڏهن پنجاب ۾ اسان جي حڪومت هئي ته اسان اين ايف سي ۾ بل??چس??ان جي لاءِ 11 ارب پنجاب جي حصي مان ڏنا. هن چيو ته هڪ ملڪ هڪ ڪٽنب وانگر هوندو آهي، سمورن صوبن ۾ ترقي جي رفتار هڪ جهڙي هجڻ گهرجي، تاريخ گواهه آهي، بل??چس??ان جي ماڻهن جون ملڪ جي لاءِ عظيم قربانيون آهن. هن چيو ته بل??چس??ان جي پاڻي جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو ويندو، الله ??عا??يٰ اسان کي هي ملڪ محنت ڪرڻ جي لاءِ ڏنو آهي. وزيراعظم چيو ته بل??چس??ان جي ترقي جي لاءِ مون کي توهان سڀني جو ??عا??ن به گهربل آهي، اسان سڀني کي گڏجي بل??چس??ان جي ترقي يقيني بڻائڻي آهي.
اسان کي ماضي جي غلطين مان سبق سکڻو آهي، بلوچستان جي وسيلن تي پهريون حق بلوچستان جي عوام جو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : میگا جیک پاٹس: کلیوپیٹرا