مڪه مڪرمه – 30 – اپريل (اي پي پي) و??ير??عظم شهباز شريف اسان ??سل??مي تعاون (او آءِ سي) جي سيڪريٽري جنرل حسين ابراهيم طحهٰ ملاقات ڪئي. و??ير??عظم شهباز شريف پنهنجي حڪومت جي ان عزم جو ورجاءُ ڪيو ته مسلمان امت جي مفادن جو فروغ پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي جو بنيادي ٿنڀ آهي. هن چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي موجوده چيئرمين جي حيثيت سان پاڪستان او آءِ سي جي ميمبر ملڪن جي دلچسپي ۽ ان جي ڳڻتي بابت معاملن ۾ فعال ڪردار ادا ڪرڻ جو خواهشمند آهي. و??ير??عظم ڄمون ۽ ڪشمير ت??رار تي او آءِ سي جي صاف ۽ مسلسل حمايت تي او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جو ٿورو ادا ڪيو. هن تنظيم تي زور ڏنو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي امنگن موجب ڄمون ۽ ڪشمير ت??رار جي پرامن ۽ پائيدار حل لاءِ سفارتي ڪوششن جي قيادت ڪري. و??ير??عظم شهباز شريف او آءِ سي کي چيو ته مسجد اقصيٰ ۽ ٻين والاريل فلسطيني علائقن ۾ جاري اسرائيلي جارحيت کي روڪرائڻ لاءِ جامع ڪوششون ڪيون وڃن، هن زور ڏنو ته اسرائيل کي مقدس ۽ مبارڪ مسجد اقصيٰ کي مختلف عقيدا رکندڙ ماڻهن جي وچ ۾ عارضي يا مقامي طور تي ورهائڻ جي اجازت نه ڏني وڃي. و??ير??عظم افغانستان جي عوام لاءِ فوري انساني مدد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو.هن زور ڏنو ته عالمي سطح تي ??سل??مو فوبيا جي وڌندڙ مسئلن کي منه?? ڏيڻ لاءِ او آءِ سي کي پنهنجون ڪوششون تيز ڪرڻ گهرجن. و??ير??عظم شهباز شريف سيڪريٽري جنرل کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي سيڪريٽري جنرل قبول ڪري ورتو. سيڪريٽري جنرل و??ير??عظم شهباز شريف کي منصب عهدو سنڀالڻ تي مبا??ڪب??د پيش ڪندي او آءِ سي جي باني ميمبر جي طور تي پاڪستان جي فعال ۽ اهم ڪردار کي اجاگر ڪيو. سيڪريٽري جنرل گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير ت??رار جي پرامن ۽ منصفاڻي حل لاءِ او آءِ سي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. هن مسلمان امت کي درپيش اهم مسئلن خاص طور تي فلسطين، افغانستان ۽ ??سل??مو فوبيا تي پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف سان او آءِ سي جي سيڪريٽري جنرل جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ