اسلام آباد – 31 جولاءِ (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري دعويٰ ڪئي آهي ته سن??ن پارٽي مرڪز ۽ پنجاب ۾ حڪوم??ون جوڙڻ جي لاءِ نمبر گ??م مڪمل ڪري ورتي آهي. هڪ نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف جو سربراهه عمران خان پنجاب جي وڏي وزير جي نالي جو اعلان ڪندو. هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان مسلم ليگ (ق) مرڪز ۽ پنجاب ۾ سندن اتحادي حڪومت جو حصو هوندي. هن چيو ته تحريڪ انصاف ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ چونڊيل آزاد اميدوارن ۽ ٻي?? سياسي پارٽين سان ڳالهيون جاري آهن.
مضمون کا ماخذ : ہاٹ اسپن