اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اڄ اسان پاڪستان کي معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ ۽ ملڪ جي باني?? جي بصرت موجب جمهوري قدرن، قانو?? جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو وچن ڪريون ٿا، ڏکڻ اي??يا ۾ پائيدار ام?? جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو.
قوم ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪري ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. پاڪستان ڏهاڙي 23 مارچ 2021ع جي موقعي تي قوم جي نالي پيغا?? ۾ ??در چيو ته پاڪستا?? جي ڏهاڙي جي موقعي تي اسان پاڪستا?? جي بانين کي خراج عقيدت پيش ڪريون ٿا ج?? جي خدمتن ۽ قربانين سان ننڍي کنڊ جي مسلمان?? جي لاءِ هڪ جدا ملڪ قائم ٿيڻ ممڪن ٿيو. اڄ اسان پاڪستان کي هڪ معاشي طور تي مضبوط ۽ خوشحال ملڪ بڻائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته ان تاريخي ڏينهن تي اسان پنهنجي معاشري کي پاڪستان ۾ رهندڙ اقليت?? جي لاءِ انسانيت دوست، ٺوس ۽ روادار بڻائڻ جي جدوجهد جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. اسان پنهنجي ملڪ جي باني?? جي بصيرت موجب پنهنجي ملڪ ۾ جمهوري قدرن، قانو?? جي حڪمراني ۽ اسلامي طرز زندگي کي برقرار رکڻ جو پڻ وچن ڪريون ٿا. صدر چيو ته ان ڏينهن اسان کي پنهنجي ڪشميرين ڀائرن کي به ياد رکڻ گهرجي جن کي هندستاني سيڪيورٽي فورسز 7 ڏهاڪن کان محڪوم بڻائي رکيو آهي. انهن کي بدترين ڏاڍ ۽ رياستي دهشتگردي جو نشانو بڻايو ويو آهي. اسان پنهنجي ڪشميري ڀائر?? جي خودمختياري جي حق جي منصفاڻي جدوجهد ۾ انه?? جي حمايت جاري رکڻ جو وچن ڪريون ٿا. غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارت پاران انساني حق?? جي پائمالين جو دنيا کي نوٽيس وٺڻ گهرجي. ڏکڻ اي??يا ۾ پائيدار ام?? جي لاءِ ڄمون ۽ ڪشمير جي تڪرار جو سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن موجب حل اهم حيثيت رکي ٿو. صدر عارف علوي چيو ته اڄ اسان پنهنجي هيروز خاص طور تي صحت جي شعبي سان واڳيل ڪارڪنن ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن کي پڻ سلام پيش ڪريون ٿا، جن ڪوويڊ 19 جي ڦهلاءُ کي روڪڻ جي لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ ان مشڪل وقت ۾ ماڻهن کي علاج فراهم ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو. اسان پنهنجي صحت جي شعبي جي پروفيشنلز جي اڻٿڪ ڪوششن کي ساراهيون ٿا جن ان بحران دوران قوم جي بي لوث خدمت ڪئي. هن چيو ته آئون پنهنجي هم وطنن کي گذارش ڪريان ٿو ته ڪورونا بابت سمورين احتياطي تدبيرن تي عمل ڪن ته جيئن ڪورونا جي ٽئين لهر تي ضابطو آڻي سگهجي. مون کي يقين آهي ته اتحاد، ايمان ۽ تنظيم جي مدد سان اسان پنهنجي راهه ۾ ايندڙ ڪنهن به چئلينج تي ضابطو آڻي سگهون ٿا.