مشهد – 04 آگسٽ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي وفد سميت مشهد پهچي ويو آهي. مشهد جو ڊپٽي گورنر ۽ ڪائونسل جنرل عارف ڀٽني ايئر پورٽ تي وفد جو استقبال ڪيو. وفد روضه امام رضا تي حاضري ڏيڻ کانپوءِ تهران رو??نو ٿي ويندو. سينيٽ چيئرمين جي سربراهي ۾ وفد ايران جي نئين چونڊيل صدر ابراهيم رئيسي جي حلف برداري جي تقريب ۾ شرڪت ڪندو. پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران م??مد صادق سنجراڻي ايران جي صدر ابراهيم رئيسي سميت ٻين اهم اڳواڻن سان ملاقاتون به ڪندو. ان دوري ۾ سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي وزيراعظم پاڪستان عمران خان پاران پاڪستان جي نمائندگي ڪري رهيو آهي. اعليٰ سطح تي پارلياماني وفد ۾ سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنجراڻي سان گڏ سينيٽرز دلاور خان، ا??مد خان، م??مد عبدالقادر کانسواءِ سينيٽ جا اعليٰ عملدار به شامل آهن.
مضمون کا ماخذ : سلاٹ فادر