اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) پنهنجي قائم ٿيڻ کان وٺي هيستائين ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ ر??ي فيصلا ڪيا، وزير??عظ?? عمران خان جي ويزن ۽ اين سي او سي جي گائيڊ لائينز تي عمل ڪندي حڪومت سمارٽ لاڪ ڊائون جي هڪ متوازن حڪمت عملي اختيار ڪئي جنهن جو محور غريب ۽ ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ طبقو هو. اين سي او سي جي 500 ڏينهن مڪمل ٿيڻ تي پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اڄ اين سي او سي جي ڪوششن جي ڪري پاڪستان ڪورو??ا جي چوٿين لهر جو ڪاميابي سان مقابلو ڪري رهيو آهي، اڄ اسان وٽ ڪورونا وائرس جي شرح ٻين ملڪن جي ڀيٽ ۾ تمام گهٽ آهي. سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي کي پوري دنيا ساراهيو، اسان ڪورونا وبا جو به مقابلو ڪيو ۽ پنهنجي معيشت کي به مضبوط ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مڪمل لاڪ ڊائون ڪيو وڃي ها ته ان جا خوفناڪ نتيجا نڪري سگهيا پئي. هن چيو ته ڪورو??ا جي محاذ تي ملندڙ ڪاميابيون اين سي او سي جي اڻٿڪ ڪوششن ۽ دلچسپي جي ڪري ممڪن ٿيون آهن جنهن تي اين سي او سي جي پوري ٽ??م کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا.
اين سي او سي ڪورونا وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ سائنسي ۽ زميني حقيقتن کي نظر ۾ رکي فيصلا ڪيا: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی قانونی حیثیت