اسلام آباد – 04 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان صحت انصاف ڪار?? جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ صحت انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو آهي ۽ وزيراعظم جي هدايت تي سٽيزن پورٽل تي صحت انصاف ڪار?? جي نالي سان خصوصي ڪيٽيگري الاٽ ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس پاران جاري تفصيل موجب صحت انصاف ڪار?? جي نظام ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي لاءِ وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وزيراعظم ڊيليوري يونٽ هدايتنامو جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسپتالن ۾ علاج کان انڪار، سهول??ن جي کوٽ، عمل?? جي رويي بابت سڌوسنئون شڪايتون پاڪستان سٽيزن پورٽل تي ڪري سگهبيون. علاج تي ايندڙ خرچ جي عدم معلومات، علاج ۾ دير ۽ غلط علاج تي پڻ شهري شڪايت ڪري سگهندا. وزيراعظم آفيس موجب صحت انصاف ڪار?? جي پينل ۾ شامل اسپتالن جي مسئلن تي پڻ شڪايتون داخل ڪرائي سگهبيون. شڪاي??ن جي فوري ازالي لاءِ اسٽيٽ لائيف جي اعليٰ آفيسرن کي خصوصي ڊيش بورڊ پڻ الاٽ ڪيو ويو آهي. اسٽيٽ لائيف جو چ??ئرمين شهرين جي شڪاي??ن جي فوري حل کي يقيني بڻائيندو.
وزيراعظم عمران خان انصاف ڪارڊ بابت شهرين جي مسئلن کي پاڪستان سٽيزن پورٽل سان ڳنڍي ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : کوئٹہ لاٹری