اسلام آباد – 07 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محم??د قريشي چيو آهي ته برطانيه جي دوري دوران لنڊن ۾ برطانوي هم منصب سان ملاقات ڪري ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿار??و هو، انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو. پنهنجي بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته مون برطانيه جي دوري جي موقعي تي پنهنجي برطانوي هم منصب سان ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿار??و هو، برطانوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين ??هچائيندو، انگلينڊ ٽيم جو دورو ڪينسل ٿيڻ سان ٻنهي ملڪن جي ڪرڪيٽ جي شوقينن ۾ مايوسي هئي، شاهه محم??د قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم جو دورو بنا مشاورت جي ختم ڪرڻ سان نقصان ٿيو، سرڪاري ٽي وي، عوام، پي سي بي سڀني جو نقصان ٿيو، برطانوي پرڏيهي وزير چيو ته اها سندس حڪومت نه پر ڪرڪيٽ بورڊ جو فيصلو هو. شاهه محم??د قريشي چيو ته برطانوي پرڏيهي وزير خاطري ڪرائي ته هو اسان جا خدشا برطانوي ڪرڪيٽ بورڊ تائين ??هچائيندو، ان خبر مان لڳي ٿو ته پاڪستان جو موقف رجسٽر ٿيو آهي، هن چيو ته اسان جو مقصد سمجهائڻ هو ته اهڙا فيصلا ڪرڻ سان اثر پوندا آهن اهڙن فيصلن سان رانديگرن، شوقينن کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي، شاهه محم??د قريشي چيو ته انگلينڊ ٽيم کي پنهنجو شيڊول ڏسڻ گهرجي ته هو ڪڏهن اچي سگهي ٿي.
برطانوي هم منصب آڏو ڪرڪيٽ ٽيم جي دوري جي هڪطرفي منسوخي جو معاملو اٿاريو هو: پرڏيهي وزير
مضمون کا ماخذ : resultados loteria Bahia