??سل??م آباد – 06 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ چوڌري فواد حسين چيو آهي ته سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو حصو آهي، اها ڳالهه هن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ڊي چوڪ تي ميڊيا سانڳ الهائيندي ڪئي، چوڌري فواد حسين چيو ته بي اع??ما??ي رٿ جي معاملي سان گڏوگڏ اسان کي ڏسڻو پوندو ته آرٽيڪل 63 اي جي خلاف ورزي ٿي يا نه، ماڻهن کي رڍن ٻڪرين وانگر خريد ڪيو ويو ۽ سنڌ هائوس ۾ رکيو ويو، هن چيو ته اهو ڪهڙو مٽيريل هو جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ان نتيجي ت?? پهتو ته بي اع??ما??ي رٿ نٿي ٺهي، اهو مٽيريل ڊاڪٽر بابر اعواڻ پي?? ناهي ڪرڻو، ان تي ان ڪئميرا ڳالهه ڪري سگهجي ٿي، اهو مٽيريل اٽارني جنرل يا وزيراعظم جو وڪيل ان وقت پي?? ڪري سگهن ٿا جڏهن عدليه انهن کي پي?? ڪرڻ جي اجازت ڏيندي، هن چيو ته پاڪستان جي اندر جلد کان جلد سياسي استحڪام جي ضرورت آهي، سياسي استحڪام لاءِ اسان کي اليڪشن طرف وڃڻ گهرجي، سياسي عدم استحڪام جي ڪري ڊالر جو اگهه 186 روپين ت?? پهچي ويو آهي جيڪڏهن اهو عدم استحڪام جاري رهيو ته اسان معاشي ب??تري لاءِ جيڪي قدم کنيا هئا اهي ب?? ضايع ٿي ويندا، چوڌري فواد حسين چيو ته سياسي استحڪام لاءِ بهترين رستو چونڊون آهن، ن ليگ ۽ مخالف ڌر جو به مطالبو هو ته ملڪ ۾ چونڊون ٿيڻ گهرجن، هن چيو ته اسيمبلي تحليل ٿي وئي آهي، هاڻي پٽيشن اها آهي ته اسيمبلي صحيح طريقي سان تحليل ناهي ٿي ان کي بحال ڪيو وڃي، اسان بي اع??ما??ي رٿ آڻيون ۽ پوءِ حڪومت کي موڪليون، هن چيو ته مخالف ڌر جي سوچ انهن جي پي??ن تي محدود آهي، ملڪ کي استحڪام طرف نه آندو ته ملڪي معيشت کي شديد نقصان ٿيندو.
سياسي استحڪام جو بهترين رستو چونڊون آهن: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشن گوئی