اسلام آباد – 26 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شر??ف سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سرب??اه?? مقرر ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب سلمان صوفي رضاڪاراڻي طور تي اها ذميداري سرانجام ڏيندو. سلمان صوفي، مدر ٽريسا ايوارڊ يافته پبلڪ پاليسي جو ماهر آهي جيڪو سماجي ڀلائي جي منفرد منصوبن کي متعارف ڪرائڻ ۾ مشهور مقام رکي ٿو. هن پنجاب ويمن پروٽيڪشن ايڪٽ، وائلنس اگينسٽ ويمن سينٽر، ويمن آن ويلز ۽ شهر خموشان سميت ڪيترائي عوام دوست منصوبا متعارف ڪرايا آهن. هو شهباز شر??ف جي پنجاب جي وڏ وزارت دوران ڊي جي اسٽريٽجڪ ريفارم?? يونٽ مقرر هو، سلمان صوفي کي دنيا ۾ عورتن ??ي حقن لاءِ ڪم ڪندڙ پنج مشهور ماڻهن ۾ شامل ڪيو ويو جنهن ۾ ??وج??ده آمريڪي صدر جوبائيڊن به شامل آهي، کيس وائٽل وائسز ايوارڊ سان به نوازيو ويو. سمورين وزارتن کي هدايت به ڪئي وئي آهي ته هو وزيراعظم جي سڌارن واري ايجنڊا کي پڄاڻي تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن ڪوششون ڪن.
وزيراعظم سلمان صوفي کي پرائم منسٽر اسٽريٽجڪ ريفارمز جو سربراهه مقرر ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : ہرکیولس اور پیگاسس