اسلام آباد – 05 – جون (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزي??اع??م اها هدايت آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (اي پي اين ايس) جي وفد سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي ڪئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب کانسواءِ وزي??اع??م جو خاص معاون فهد حسين پڻ موجود ه??. ا?? پي اين ايس جي صدر سرمد علي جي قيادت ۾ وفد ۾ سيڪريٽري جنرل ناز آفرين، سهگل لاکاڻي، سينيئر صحافي مجيب الرحمان شامي، جميل اطهر، شهاب زبيري، محترمه رميزه نظامي، عمر مجيب شامي، امتنان شاهد، ممتاز طاهر، محسن بلال، اويس خوشنود، وسيم احمد، منير گيلاني ۽ همايون گوهر پڻ شامل هئا. وزي??اع??م ان موقعي تي اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ وڏي پئڪيج جو اعلان ڪيو ۽ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جون تشهيري رهتون ادا ڪ??ڻ جي هدايت ڪئي. وزي??اع??م پي ٽي آءِ دور جي اخبارن ۽ تشهيري ڪمپنين جون حڪومتي رهتون ادا ڪ??ڻ جو حڪم پڻ ڏنو. وزي??اع??م چيو ته هو سياسي انتقام ۾ يقين نه ٿو رکي ڇو ته ان سان ملڪ کي تمام گهڻو نقصان پهتو آهي. وزي??اع??م وفد کي خاطري ڪرائي ته مهانگائي جي تناسب سان تشهيري اگهه ۾ مناسب اضافو ڪيو ويندو. هن چيو ته بجيٽ ۾ اخباري صنعت تي ڪو نئون ٽيڪس يا ڊيوٽي نه لڳائينداسين ۽ اخباري صنعت کي بحران مان ڪڍڻ جي لاءِ اضافي ريليف پڻ فراهم ڪنداسين.
وزيراعظم شهباز شريف پاران اخباري صنعت کي مشڪلاتن ۽ بحران مان ڪڍڻ لاءِ 30 جون تائين اڳوڻي حڪومت جي تشهيري رهتون ادا ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : ٹکٹ خریدنے کے حوالے سے الفاظ