اسلام آب??د – 20 – جون (اي پي پي) و??ير??عظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي، ضرورت جي 5 بنيادي شين کي ايندڙ مالي سال جي لاءِ گهٽ اگهن تي فراهم ڪرڻ جو اصولي فيصلو ڪيو ويو آهي، ڄا??ايل سبسڊي يوٽيلٽي اسٽورز جي ذريعي پوري ملڪ ۾ غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي فراهم ڪئي ويندي. اهو فيصلو و??ير??عظم شهباز شريف جي صدارت ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي حوالي سان اعليٰ سطحي اجلاس ۾ ڪيو ويو. اجلاس ?? وفاقي وزيرن مفتاح اسماعيل، مخدوم مرتضيٰ محمود ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته اٽي، کنڊ، گيهه/ کاڄرو تيل، دالين ۽ چانور جي بازار کان گهٽ اگهه تي فراهمي يقيني بڻائي ويندي. و??ير??عظم ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي نيٽ ورڪ ۾ توسيع جي پڻ منظوري ڏني. هن چيو ته ڪراچي ۾ يوِٽيلٽي اسٽورز جو گهٽ انگ ڪنهن به صورت ۾ منظور نه آهي. هن هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي انگ ۾ اضافي جو ٺوس منصوبو ٻن هفتن ۾ پيش ڪيو وڃي. و??ير??عظم چيو ته پٺتي پيل طبقي کي هن وقت ريليف جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، پيڙهيل طبقي جي ريليف جي لاءِ حڪومت هر قيمت خرچ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهي، پيڙهيل طبقي کي ضرورت جي شين تي ريليف حڪومت جي اولين ترجيح آهي. و??ير??عظم سبسڊي جو نظام شفاف ۽ ڊيجيٽل بڻائڻ جي هدايت ڪندي چيو ته مختلف قسم جي سبسڊيون گڏ ڪري هڪ ٺوس نظام بڻايو وڃي ۽ خصوصي طور تي پيڙهيل طبقي کي ريليف جي فراهمي ۾ ترجيح ڏني وڃي. و??ير??عظم سبسڊي جي نظام ۾ سڌارن جي لاءِ ناڻي، وفاقي و??ير?? صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير ۽ عربت جي خاتمي واري وفاقي وزير کي تعاون سان حڪمت عملي جوڙڻ جي هدايت ڪئي. اجلاس کي يوٽيلٽي اسٽورز تي ڏني ويندڙ سبسڊي، پيڙهيل طبقي کي ٽارگيٽيڊ سبسڊي، يوٽيلٽي اسٽورز جي سڄي ملڪ ۾ انگ ۾ واڌ ۽ خيبرپختونخواهه ۾ و??ير??عظم جي ويزن تحت سستي اٽي جي فراهمي جي پروگرام تي اڳڀرائي کان تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن ملڪ ۾ هن وقت 3822 اسٽورز کي سڌوسنئون ۽ 1380 فرنچائيز هلائي رهيو آهي جڏهن ته 30 جولاءِ تائين بلوچستان، سنڌ، ڪشمير، گلگت بلتستان ۽ پنجاب م 300 کان وڌيڪ نوان اسٽورز ٺاهيا ويندا. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته و??ير??عظم شهباز شريف جي ريليف پئڪيج تحت هيستائين 11 ڪروڙ 30 لک مستحق ماڻهو فائدو کڻي چڪا آهن جن کي في ڪلواٽي تي 60 رپيا، کنڊ تي 21 رپيا، گيهه تي 250 رپيا جڏهن ته دالين ۽ چانور تي 15 – 20 رپيا ٽارگيٽيڊ سبسڊي ڏني وئي آهي، سبسڊي جو طريقيڪار ڊجيٽل آهي جڏهن ته نادرا ۽ غربت جي خاتمي واري وزارت جي ڊيٽا سان واڳيل آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته خيبرپختونخواهه صوبي ۾ 942 يوٽيلٽي اسٽورز تي سستي اٽي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي جڏهن ته و??ير??عظم شهباز شريف جي خصوصي هدايت تي 1000 نوان سيل پوائنٽس ۽ 200 موبائيل اسٽورز جو اضافو ڪيو پيو وڃي. اجلاس کي بلوچستان جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته و??ير??عظم شهباز شريف جي رمضان م دوري ۽ خصوصي هدايتن تحت بلوچستان ۾ ضرورت جي شين جي بازار کان رعايت تي فراهمي کي يقيني بڻايو پيو وڃي جنهن جي لاءِ نه رڳو يوٽيلٽي اسٽورز پر موبائيل اسٽورز پڻ قائم ڪيا ويا اهن جن جي ڪري ڏورانهن علائقن تائين سبسڊي جي فراهمي يقيني بڻائي پئي وڃي. و??ير??عظم خيبرپختونخواهه صوبي ۽ بلوچستان ۾ يوٽيلٽي اسٽورز جي قدمن کي ساراهيو ۽ ڊيجيٽل نظام تحت ٽارگيٽيڊ سبسڊي جي فراهمي کي ساراهيو.
غريب ۽ پيڙهيل طبقي کي وڏو ريليف ڏين جو فيصلو ڪيو آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado