اسلام آباد – 14 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته نظريه پا??ستان کي برقرار رکڻ ۽ پا??ستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا، پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي، اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين، پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني آهي، هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، جن جو مقصد عوام خاص طور تي پا??ستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پا??ستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي، اڄ اسان نظريه پا??ستان کي برقرار رکڻ ۽ پا??ستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پا??ستان جي آزادي جي 75 هين سالگرهه جي خوشي جي موقعي تي پوري قوم کي دل جي گهراين سان مبارڪباد ڏيندي پنهنجي پيغام ۾ ڪيو. صدر چيو ته هي ڏينهن اسان کي ملڪ پا??ستان حاصل ڪرڻ جي لاءِ قائداعظم محمد علي جناح جي متحرڪ قيادت ۾ پا??ستان جي بانين جي لاتعداد قربانين جي ياد ڏياري ٿو. اڄ اسان نظريه پا??ستان کي برقرار رکڻ ۽ پا??ستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا. هن چيو ته هلندڙ سال اسان آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي پڻ ملهائي رهيا آهيون ۽ ان سلسلي ۾ سڄي ملڪ ۾ مختلف تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن. انهن تقريبن جو مقصد عوام خاص طور تي پا??ستان جي نوجوانن ۾ قومي يڪجهتي، نظريه پا??ستان ۽ تحريڪ آزادي بابت شعور اجاگر ڪرڻ آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي کي ملهائڻ جي حوالي سان سمورن ادارن جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن. ڊائمنڊ جوبلي جي هن موقعي تي اسان کي پنهنجي ڪاميابين ۽ ڪوتاهين جو پڻ احاطو ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي. هن چيو ته پنهنجي 75 سالا تاريخ ۾ اسان مختلف مشڪلاتن تي ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان نه رڳو هڪ ائٽمي قوت بڻجي اڀرياسين پر دهشتگردي جي لعنت کي پڻ شڪست ڏني. تازي ماضي ۾ اسان ڪورونا وبا تي پڻ ڪاميابي سان ضابطو آندو آهي. صدر چيو ته هن تاريخي موقعي تي اسان پا?? فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا ته انهن ملڪ جي دفاع ۽ سلامتي جي لاءِ پنهنجي جانين جا نذرانا پيش ڪيا. هن وڌيڪ چيو ته آئون پا??ستان جي پورهيتن، مزدورن، عورتن، ڪاروباري برادري، اقليتن ۽ انهن سمورن ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن پا??ستان جي ترقي ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، جڏهن ته اڄ جي پا??ستان کي معاشي ۽ سياسي سطح تي مشڪلاتون درپيش آهن پر منهنجو پڪو يقين آهي ته هي قوم پنهنجي پڪي ارادي، حب الوطني، ڏينهن رات محنت، اتحاد، تنظيم، گڏيل هم آهنگي ۽ يڪجهتي سان انهن مشڪلاتن مان به سرخرو ٿي نڪرندي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اسان کي اڄ آزادي جو ڏهاڙو ملهائيندي غيرقانوني طور تي ڀارتي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي مظلوم ۽ ڀارتي ڏاڍ جي شڪار ڀينرن ڀائرن کي پڻ نه وسارڻ گهرجي.
نظريه پاڪستان کي برقرار رکڻ ۽ پاڪستان کي هڪ مثالي جديد اسلامي فلاحي رياست بڻائڻ جي عزم کي ورجايون ٿا: صدر ڊاڪٽر عارف علوي جو پاڪستان جي آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي پيغام
مضمون کا ماخذ : کڑک