اسلام آباد – 01 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سيد علي گ??لاني جو ”اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي“ جو نعرو اڄ پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي، اهل پاڪستان ۽ ڪشميري عوام سيد علي گ??لاني جي جدوجهد کي سلام پيش ڪري ٿي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ڪشمير جي آزادي جي اهڃاڻ سيد علي گ??لاني جي پهرين شهادت جي ڏهاڙي تي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو آهي ته ڪشميرين جو سيد علي گ??لاني جي لاءِ باباءِ حريت جو خطاب ان جي تاريخي جدوجهد جو اعتراف آهي. مردِ بُحران سيد علي گ??لاني جي جدوجهد حريت ۽ ڪشمير جي آزادي جي تاريخ جو سنهري باب آهي. هن چيو ته سيد علي گ??لاني هڪ شخص نه پر ت??ري?? ۽ هڪ مشن جو نالو آهي جنهن جو نعرو ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي. سيد علي گ??لاني شهيد جو مڙهه کس?? سان ڪشميرين کان آزادي جي تڙپ کسي نٿي سگهجي. وزيراعظم چيو ته پاڪستاني ۽ ڪشميري سيد علي گ??لاني کي سلام پيش ڪن ٿا، اسان پاڪستاني آهيون، پاڪستان اسان جو آهي، جو سندس نعرو اڄ سڄي دنيا ۾ گونجي رهيو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ سيد علي گ??لاني سميت سمورن ڪشمير جي شهيدن جا درجا بلند ۽ انهن جي گ??رڀاتين کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.
سيد علي گيلاني جو نعرو پوري دنيا ۾ گونجي رهيو آهي: وزيراعظم شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : quina prêmio acumulado