واشنگٽن – 13 سيپٽمبر (اي پي پي)آمريڪا ۾ پاڪ??تا?? جي سفير مسعود خان ان ڳالهه تي زور ڀريو آهي ته پاڪ??تا?? ۾ ٻوڏ واري صورتحال خطرناڪ ٿيندي پئي وڃي ان لاءِ عالمي برادري پاڪ??تا?? حڪومت کي ماحولياتي تبديلي سبب ٿيندڙ تباهي آڻيند?? صورتحال کي منهن ڏيڻ جي قابل بڻائڻ لاءِ وڌيڪ مدد ڪري. ترڪ خابرو اداري کي ڏنل انٽرويو ۾ هن چيو ته هي ٻ??ڏ ماحولياتي تبديلي جو سڌو سنئون ۽ تباهي آڻيندڙ نتيجو آهي، اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري خاص طور تي ترقي يافته ملڪ ۽ گڏيل قومون ماحولياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ ۾ پاڪ??تا?? جي مدد لاءِ اڳتي ايندا، هن چيو ته موسمياتي تبديلين جا مجموعي نقصان تمام گهڻا هوندا، هن چيو ته اها انتهائي مشڪل صورتحال آهي ڇو ته پاڪ??تا?? ۾ هن وقت ٻوڏ جهڙي وڏي تباهي سان گڏ ٻيون مشڪلاتون به درپيش آهن، جنهن جي ڪري ماڻهو بي گهر ٿي ويا آهن، فصل ۽ چوپائي مال کي وڏي پئماني تي نقصان پهتو آهي، هن ٻڌايو ته گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريش موجب پاڪ??تا?? ۾ مجموعي نقصانن جي لاڳت جو ڪاٿو 30 بلين ڊالرن کان وڌيڪ لڳايو و??و آهي، هن چيو ته پاڪ??تا??ي هن آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجا دستياب وسيلا ڪتب آڻي رهيا آهن پر اسان اهو اڪيلي نٿا ڪري سگهون ان لاءِ عالمي برادري کي اپيل آهي ته هو اسان جي مدد ڪري، پاڪ??تا??ي سفير گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي پاڪ??تا?? جي دوري ۽ ٻ??ڏ متاثر پاڪ??تا??ي عوام جي مدد لاءِ ترڪيه حڪومت ۽ سوسائٽي کي متحرڪ ڪرڻ تي ترڪي جي صدر رجب طيب اردوان جو ٿورو مڃيو. هن چيو ته پاڪ??تا?? کي پهرين ئي ٻوڏ جي ڪري تباهي آڻيند?? صورتحال درپيش آهي جڏهن ته ٻئي طرف يوڪرين جي صورتحال جي ڪري غذائي عدم تحفظ جا مسئلا به سامهون آهن، هن چيو ته اسان پنهنجي معيشت کي بهتر بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئاسين ۽ اسان ان ۾ ڪامياب ٿي رهيا هئاسين پر هاڻي ان ۾ تمام وڏي رڪاوٽ پيدا ٿي وئي آهي، مسعود خان ٻوڏ سبب متاثر علائقن ۾ انفرا اسٽرڪچر کي پهتل وڏي نقصان جو ذڪر ڪندي چيو ته پاڪ??تا?? کي متاثر علائقن جي بحالي ۽ نئين سر تعمير لاءِ وڏي سيڙپڪاري جي ضرورت پوندي، هن چيو ته مستقبل ۾ اهڙي ڪنهن به تباهي کي منهن ڏيڻ، آبي وسيلن جي تحفظ لاءِ هڪ بهتر نظام جي قيام سان گڏوگڏ تعميراتي شعبي کي ريگوليٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ مستقبل جي حڪمت عملي جوڙيندي وڌندڙ آبادي لاءِ بهتر منصوبابندي جي ضرورت هوندي.
عالمي برادري ماحولياتي تبديلين جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي وڌيڪ مدد ڪري: پاڪستاني سفير مسعود خان
مضمون کا ماخذ : loteria Ceará