اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظ??ار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان قيم??ي جانين جي زيان تي تعزيت جو اظ??ار ڪندي متاثر خاندانن سان همدردي جو اظ??ار ڪيو. وزيراعظم زلزلي سبب فوت ٿيندڙن جي مغفرت ۽ زخمين جي جلد ص??تي??بي لاءِ دعا ڪئي. هن چيو ته پاڪستاني حڪومت ۽ عوام مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ڀائر ملڪ ترڪيه جي حڪومت ۽ عوام سان گڏ آهن. ترڪيه هر مشڪل ۾ سدائين پاڪستان جو ساٿ ڏنو آهي. پاڪستان پنهنجي ڀائر ملڪ ترڪيه جي عوام ۽ حڪومت جي هر ممڪن مدد ڪندو. وزيراعظم چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان ت??اهي جا وڌندڙن واقعا پوري دنيا جي لاءِ خطري جي گهنٽي آهي. اهو انسانيت ۽ سڄي دنيا جي بقاءَ جو معاملو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قدرتي آفتن ۽ موسمياتي تبديلين سان ت??اهي ڪنهن ملڪ يا خطي ??ائ??ن محدود ناهي رهي.
وزيراعظم پاران ترڪيه ۾ شديد زلزلي سبب ٿيل نقصان تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کے نتائج