اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته 6 فيبروري تي ايندڙ شديد زلزلي جي ڏس ۾ ترڪ عو??م سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم محمد شهباز شريف 16 ۽ 17 فيبروري ي ??رڪ??ه جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ??رڪ??ه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران ذاتي طور تي دلي تعزيت جو اظهار ڪندو. ترجمان موجب وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عو??م سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري امدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري رکڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم ڏکڻ ??رڪ??ه ۾ زلزلي کان متاثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي ۾ بچي ويندڙن سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم ڏکڻ ??رڪ??ه ۾ تباهي آڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ 6 فيبروري تي ترڪ صدر رجب طيب اردوان سان ڳالهه ٻولهه ڪري انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن جي لاءِ هر ممڪن مدد جي خاطري ڪرائي هئي. بيان موجب ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي ۽ وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري رهيو آهي. پاڪستان ۽ ??رڪ??ه جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن ۽ ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن.
ترڪ عوام سان يڪجهتي ۽ حمايت جي خصوصي اظهار جي لاءِ وزيراعظم 16 ۽ 17 فيبروري ي ترڪيه جو دورو ڪندو: پرڏيهي آفيس ترجمان
مضمون کا ماخذ : جنگل کا بادشاہ