اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) پاڪستان سوڊان ۾ امن قائم ڪرڻ جي لاءِ سعودي عرب جي ڪوششن جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي تر??مان پاران جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان سعودي عرب جي انهن ڪوششن جي آجيان ۽ حمايت ڪري ٿو جنهن جو مقصد جده ۾ سوڊاني هٿياربند فوج ۽ ريپڊ سپورٽ فورسز جي نمائندن جي وچ ۾ گهٽ مدي واري جنگ بندي جي معاهدي تائين پهچڻ ۽ تڪرار کا?? متاثر ماڻهن کي هنگامي انساني امداد جي فراهمي لاءِ ڳالهين کا?? اڳ سهولت فراهم ڪرڻ آهي. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پاڪستان سوڊان جي صورتحال جي ڳالهين ۽ مشاورت جي ذريع?? سياسي حل جي لاءِ پنهنجي اصولي حمايت جو ورجاءُ ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : کنگ میکر