اسلام آباد – 10 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت ڪندي چيو آهي ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين س??ڪا??ي عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر س??ڪا??ي نقصان پڻ وصول ڪنداسين، هي احتجاج نه فساد ۽ دهشتگردي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته جهڙي طرح پي ٽي وي ۽ پارليامينٽ تي حملو ڪرايو ويو هو، اهڙي طرح عمران خان جي چوڻ تي اڄ ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي جي آفيسن تي حملو ڪيو ويو. هن چيو ته ??ور??ن سميت س??ڪا??ي عملي تي تشدد، ڀڃ ڊاهه ۽ ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ دهشتگردي آهي. مريم اورنگزيب چيو ته ڀارت خوش ٿي رهيو آهي ته ڪش??ير تي خبرون هلائيندڙ ريڊيو کي عمران خان جي حامين باهه لڳائي ڇڏي، هي هر اهو ڪم ڪري رهيا آهن جنهن سان ڀارت ۾ شادمانا وڄايا وڃن ٿا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ جي هٿياربند فوج چاغي يادگار ۽ ريڊيو آڊيٽوريم کي باهه لڳائي جنهن سان انهن جي ذهني حالت جو اندازو ڪري سگهجي ٿو. هن چيو ته جهڙي طرح عمران خان مل?? ۽ ??وشه خانه ڦريو، اهڙي طرح ان جا حامي س??ڪا??ي عمارتن جو سامان ڦري ويا. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته ڊائريڪٽر جنرل ريڊيو پاڪستان کي شرپسندن جي خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرائڻ جو چيو آهي. شرپسندن س??ڪا??ي نشريات به روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ تارون ڪٽي ڇڏيون جيڪو سنگين رياستي ڏوهه آهي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين س??ڪا??ي عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي، جوابدارن کي نه رڳو گرفتار ڪيو ويندو پر س??ڪا??ي نقصان به وصول ڪنداسين. هن چيو ته هي احتجاج نه، فساد ۽ دهشتگردي آهي. هن چيو ته لاهور ۾ قائداعظم جي گهر کي نشانو بڻائيندڙن کي چاغي جهڙي قومي يادگار، ريڊيو جهڙي رياستي عمارتن جي حساسي?? ۽ ??زت جو ڪو خيال نه آهي، پوري قوم ان ڪڌي دهشتگرداڻي رويي ۽ قدمن جي مذمت ڪري ٿي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير پاران ريڊيو پاڪستان ۽ اي پي پي پشاور جي عمارتن ۽ آفيسن تي پي ٽي آءِ جي هٿياربند جٿن جي حملن جي شديد مذمت، پي ٽي وي، پارليامينٽ ۽ ٻين سرڪاري عمارتن تي حملو ڪرڻ پي ٽي آءِ جو شيوو آهي: مريم اورنگزيب
مضمون کا ماخذ : گرم گرم