اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) سامو??ڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامو??ڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽر تائين رهجي ويو آهي، سامو??ڊي علائ??ن ۾ ڌُنڌ پکڙيل آهي، اڳواٽ وارننگ ۽ آگاهي مهم سان جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ مڪمل رابطا قائم آهن، صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن. سامو??ڊي طوفان بپر جوائي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت اجلاس جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، وفاقي وزير خرم دستگير خان ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين چيو ته سامو??ڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سامو??ڊي علائقن مان ماڻهن کي ??حف??ظ جاين تي منتقل ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي تائين اهڙي صورتحال رهي ته اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن طوفان جي شدت ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي ??حف??ظ جاين ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن کي شروعاتي طور تي خوراڪ ۽ ميڊيڪل جي سهولتن جي ضرورت هوندي. هن چيو ته سامو??ڊي طوفان ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ ميڊيا تي هر 2 ڪلاڪن بعد اپ ڊيٽ ڪنداسين. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو ته سامو??ڊي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو عمل اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چيو ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامو??ڊي علائقن جي ويجهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ملاحن کي ان الرٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، هاڻ به اطلاع آهن ته ڪجهه ملاح سمنڊ ۾ موجود آهن. هن چيو ته ڪراچيءَ ۾ 110 ملي ميٽر تائين برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته بدين، ٺٽو ۽ ٻين سامو??ڊي علائ??ن ۾ 300 ملي ميٽر تائين بارش جي اڳڪٿي آهي. هن چيو ته طوفان جو رُخ في الحال پاسڪتان طرف ناهي پر احتيا?? ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير خرم دستگير خان چيو ته طوفان جو اثر بجلي جي نظام تي به پئجي چڪو آهي، سمنڊ ۾ ايل اين جي جا جهاز في الحال رُڪجي ويا آهن ۽ بجلي بڻائڻ لاءِ اندروني ذريعن سان ايل اين جي فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته جيڪڏهن ڪنهن وڏي پاور پلانٽ کي خدانخواسته نقصان ٿيو ته اڳواٽ متبادل انتظام ڪري رهيا آهيون، پوري سسٽم جي نگراني ڪري رهيا آهيون.
سامونڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلوميٽر تائين رهجي ويو، سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن: کنيل قدمن جي حوالي سان جائزه اجلاس
مضمون کا ماخذ : فروٹ شاپ