اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ??هي ته پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن، پاڪست??ن اردن سان واپار، معيشت، ثقافت ۽ دفاع جي شعبن ۾ پنهنجي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جو خواهشمند آهي. صدر اهڙن خيالن ??و اظهار پاڪستان ۾ اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير ابراهيم يالا المدني سان ڳالهائيندي ڪيو ??نهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر ٻنهي ڀائر ملڪن جي گڏيل م??ادن جي لاءِ اردن س??ن اقتصادي ۽ واپاري شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻنهي ڀائر ملڪن کي وڌيڪ ويجهو آڻڻ جي لاءِ سياسي، ثقافتي ۽ تعليمي مٽاسٽا تي زور ڏنو. صدر اردن جي امن ڪوششن ۽ سياسي ۽ سفارتي ذريعن سان ??لس??ين جي مسئلي جي حمايت کي ساراهيو. هن ??لس??ين جي عوام جي خودمختياري واري حق جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل حمايت جو ورجاءُ ڪيو. اسلامو فوبيا جي وڌندڙ واقعن تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي صدر عالمي برادري پار??ن اهڙن واقعن کي روڪڻ جي لاءِ موثر قدم کڻڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن چيو ??ه بين المذاهب هم آهنگي، رواداري ۽ هڪ ٻئي جي مذهب جي گڏيل احترام کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. صدر اردن جي عهدو ڇڏيندڙ سفير جي پاڪستان ۾ قيام دوران ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي تعاون کي بهتر بڻائڻ جي ڪوششن کي ساراهيو.
پاڪستان ۽ اردن جي وچ ۾ گڏيل ثقافت ۽ تاريخ جي بنياد تي بهترين ڀائراڻا لاڳاپا آهن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria com prêmio acumulado