اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي نالي??ار?? شاعر، اديب ۽ دانشور افتخار عارف جي علمي ۽ ادبي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته افتخار عارف هڪ اهڙو روشن ستارو آهي جيڪو ملڪ ۾ علم ۽ ادب جي حوالي سان پنهنجو مقام رکي ٿو، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ ??ار?? وڻ وانگر آهي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو. اهڙن خيالن جو اظهار هن انفارميشن سروس اڪيڊمي ۾ نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ جي جاري ڪرڻ ??ار?? تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. مرتضيٰ سولنگي چيو ته پ??ڪستان جي ميڊيا ۽ علم ۽ ادب جي رکوالن جو نالو ورتو وڃي ته افتخار عارف جو نالو سڀ کان مٿاهُون هوندو. افتخار عارف ريڊيو پاڪستان تان پنهنجي ڪم جي شروعات ڪئي، پي ٽي وي جي شهره آفاق پروگرامن ۾ به هن اهم ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ ??ار?? وڻ وانگر آهي. تقريب کي خطاب ڪندي اطلاعات ??ار?? سيڪريٽري ظهور احمد چيو ته افتخار عارف جون ادب جي شعبي ۾ تمام گهڻيون خدم??ون آهن. اڄ جي تقريب پاڪستان جي ادب ۽ شاعري جي لاءِ حوصلا افزا آهي. هن چيو ته پ??ڪستان ٽيلي ويزن جي شروعات کان وٺي هيستائين مختلف پروگرامن ۾ شاعرن ۽ اديبن جو ڪردار وسارڻ جوڳو نه آهي. اطلاعات ??ار?? وفاقي سيڪريٽري چيو ته افتخار عارف جو ادب جي شعبي ۾ تمام وڏو مقام آهي، هو پنهنجي شعبي جو اڳواڻ آهي. افتخار عارف شاعري کانسواءِ به ادبي خدم??ون سرانجام ڏنيون، سندس علمي ۽ ادبي خدم??ون ساراهه جوڳيون آهن. تقريب جي شرڪت ڪندڙن کي افتخار عارف جي زندگي تي ٺهندڙ دستاويزي فلم ”ٻارهُون رانديگر“ پڻ ڏيکاري وئي. بعد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي نالي??ار?? شاعر افتخار عارف چيو ته دستاويزي فلم ۾ پنهنجي دوستن جي ڳالهه ٻولهه ٻڌي تمام گهڻي خوشي ٿي. عائشه اڪرم ان فلم جي تياري ۾ بهترين ڪوشش سرانجام ڏني جنهن تي عائشه اڪرم سميت پوري ٽيم جو ٿورائتو آهيان. واضح رهي ته ”ٻارهون رانديگر“ دستاويزي فلم نالي??ار?? شارٽ فلم ميڪر عائشه اڪرم تيار ڪئي جنهن ۾ افتخار عارف جي زندگي جي مختلف رخن کي اجاگر ڪيو ويو جڏهن ته ملڪ جي نالي??ار?? علمي ۽ ادبي شخصيتن جا تاثر پڻ ان فلم ۾ شامل آهن. اها فلم اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? وزارت، انفارميشن سروس اڪيڊمي ۽ پي ٽي وي فلمز ??ي سهڪار سان جاري ڪئي وئي.
نامياري شاعر افتخار عارف جي زندگي تي ٺهيل دستاويزي فلم ٻارهُون رانديگر جاري، افتخار عارف ادب ۾ ڇانوَ واري وڻ وانگر آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کے فاتحین