اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪ ۾ وڌيڪ شپ يارڊز جي تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ انهن منصوبن ۾ ماحولياتي عنصر جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي آهي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب نگران ??زيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ پاڪستان ۾ سامونڊي جهازن جي تعمير جي پاليسي بورڊ جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ ملڪ ۾ شپ يارڊز جي تعمير جي موجوده صورتحال جو جائزو ورتو ويو. نگران ??زيراعظم کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بلوچستان ۾ سوربندر، ايسٽ بي، ڪپر ۽ پشو خان جي جاين تي شپ يارڊز تعمير ڪري سگهجن ٿيون. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي ملڪ ۾ وڌيڪ شپ يارڊز جي تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي شپ يارڊز جي تعمير جي منصوبن ۾ ماحولياتي عنصر جو خيال رکڻ جي هدايت ڪئي. نگران ??زيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي سامونڊي علائقن ۾ غيرقانوني ٽرالنگ جي روڪٿام لاءِ موثر حڪمت عملي جوڙڻ جي پڻ هدايت ڪئي.
نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پاران ملڪ ۾ وڌيڪ شپ يارڊز جي تعمير جي عمل کي تيز ڪرڻ ۽ انهن منصوبن ۾ ماحولياتي عنصر جو خيال رکڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : لاٹری ایپلی کیشنز کے فوائد