اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب ۾ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو جيڪو 28 کان 29 اپريل تي رياض ۾ ”عالمي تعاون، واڌويجهه ۽ ترقي ب??بت توانائي“ جي موضوع تي منعقد ٿي رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ ميڊيا کي ٻڌايو ته وزيراعظم شهباز شريف، پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان گڏ سعودي ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان ۽ ڊبليو اي ايف جي ب??ني ۽ ايگزيڪيوٽو چي??رم??ن جي دعوت تي سعودي عرب جو دورو ڪندو. هن چيو ته فورم ۾ اعليٰ سطح جي شرڪت عالمي سطح تي صحت جي ڍانچي، جامع ترقي، علائقائي تعاون ۽ واڌويجهه ۽ توانائي جي کپت جي وچ ۾ توازن ۾ ??اڪ??تان جي ترجيحن کي اجاگر ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪندي، ان کانسواءِ شريڪ عالمي اڳواڻن ۽ عالمي تنظيمن جي سربراهن سان ڳالهه ٻولهه ٿيندي. وزيراعظم 4، 5 مئي 2024ع تي گيمبيا جي گادي واري شهر بنجول ۾ ”پائيدار ترقي جي لاءِ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي اتحاد ۽ يڪجهتي کي وڌائڻ“ جي نعري تحت اسلامي سربراهي ڪانفرنس جي 15 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ گيمبيا جو دورو ڪندو. او آءِ سي جو سربراهي اجلاس اهڙي نازڪ وقت ۾ منعقد ٿي رهيو آهي جڏهن غزه ۾ اسرائيلي ظلمن جو سلسلو جاري آهي، اجلاس ۾ مسلمان دنيا جا اڳواڻ فلسطين جي صورتحال تي غور فڪر ڪندا. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف غزه ۾ نسل ڪشيءَ تي ??اڪ??تان جي شديد ڳڻتي جو اظهار ڪندو، فلسطينين جي خودمختياري جي حق جي وڪالت ڪندو، يڪجهتي جي لازمي ضرورت کانسواءِ اسلامو فوبيا، دهشتگردي ۽ دنيا خاص طور تي مسلم دنيا کي درپيش چئلينجز تي ڳالهه ڪندو. وزيراعظم مسلم دنيا جي اڳواڻن سان ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. او آءِ سي سربراهي اجلاس کان اڳ 2 کان 3 مئي تي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جو شروعاتي اجلاس ٿيندو جنهن ۾ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار شرڪت ڪندو، جيڪو ٻطرفيون ملاقاتون پڻ ڪندو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته ??اڪ??تان ڀارتي اڳواڻن جي اشتعال انگيز بيانن ۾ اضافو ڏسي رهيو آهي جيڪو ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي غيرضروري دعويٰ ڪن ٿا. ??اڪ??تان اشتعال انگيز بيان بازي تي ٻڌل ڀارتي دعوائن کي رد ??ري ٿو، اهڙيون دعوائون علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهن. هن ڀارتي سياستدانن تي زور ڏنو ته اهي چونڊ مقصدن جي لاءِ ??اڪ??تان کي پنهنجي اندروني ڳالهه ٻولهه جو حصو بڻائڻ جو عمل بند ڪن. هن چيو ته ڀارتي بيان بازي ۽ دعوائن جي ب??وجود ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير عالمي سطح تي مڃيل تڪراري علائقو آهي ڇو ته گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ واضح طور تي ٻڌايو ويو آهي ته حتمي حيثيت جو تعين آزاداڻي ريفرنڊم جي ذريعي ڪشميري عوام جي مرضي سان ڪيو ويندو. هن چيو ته ڀارت جي لاءِ دانشمندي هوندي ته هو ڪنهن فريب ۾ مبتلا ٿيڻ بدران انهن قراردادن کي لاڳو ڪرڻ ۾ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري. ترجمان ڀارت ۾ مسلمانن ۽ اقليتن جي مسلسل تذليل ۽ انهن کي نشانو بڻائڻ جي پڻ مذمت ڪئي. هڪ سوال جي جواب ۾ ترجمان چيو ته في الحال ??اڪ??تان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ٻطرفي واپار کي معمول تي آڻڻ جي لاءِ ڪا بيڪ چينل ڊپلوميسي نه هلي رهي آهي. ايراني صدر ابراهيم رئيسي جي دوري ب??بت ميڊيا کي آگ??هه ڪندي هن چيو ته ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين اقتصادي ۽ ثقافتي تعاون کي مضبوط بڻائن، ٻطرفين سرحدن کي امن ۽ تعاون جي سرحدن ۾ تبديل ڪرڻ، آزاد واپاري معاهدي ۽ هڪ ٻئي جا قيدي آزاد ڪرڻ جي معاملي تي ڳالهه ٻولهه تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ايران ??اڪ??تان گئس پائيپ لائين پراجيڪٽ بابت سوال تي هن چيو ته ايراني صدر جي دوري دوران ان تي ڳالهه ٿي ۽ گڏيل بيان ۾ پڻ ان کي نمايان ڪيو ويو. هن چيو ته ??اڪ??تان کي توانائي جون ضرورتون آهن ۽ هو ان جي درآمد جي لاءِ آپشنز ڳولي رهيو آهي. هن چيو ته ??اڪ??تان ايران ??اڪ??تان واپار بابت آمريڪي عملدارن جي بيانن کي نوٽ ڪيو آهي ۽ آمريڪا سان توانائي جي ضرورتن جي سمورن رخن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته چائنا انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ ڪوآپريشن ايجنسي (سي آءِ ڊي سي اي) جي هڪ اعليٰ سطحي وفد چي??رم??ن لوزائو هوئي جي قيادت ۾ ??اڪ??تان جو دورو ڪيو ۽ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻنهي ڌرين چائنا ??اڪ??تان اڪنامڪ لنگهه تحت تڪميل هيٺ منصوبن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. غزه جي صورتحال ۽ ٻن اجتماعي قبرن جي دريافت تي روشني وجهندي ترجمان اسرائيل جي جنگي ڏوهن جي جاچ ۽ ذميواري جي تعين، فوري ۽ غيرمشروط جنگبندي، گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ انساني امداد تائين بنا روڪ ٽوڪ پهچ جو مطالبو ڪيو. ترجمان انساني حقن بابت آمريڪي ڪنٽري رپورٽ کي رد ??رڻ جو ورجاءُ ڪيو ڇو ته ان رپورٽ جي لاءِ ناقص طريقيڪار استعمال ٿيو آهي.
وزيراعظم سعودي عرب ۾ 28 کان 29 اپريل تي ٿيندڙ عالمي اقتصادي فورم جي خصوصي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو
مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا