مظفر آباد – 16 – مئي (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو، آزاد ڪشمير جي عوام پاڪستان سان والهاڻي محبت ڪري ٿي، پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي دنيا خاموش تماشائي بڻيل آهي، اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ڪابينا جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وز??راعظم چيو ته الله تعاليٰ جي فضل ۽ ڪرم سان گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٿيندڙ واقعا بهتر طريقي سان ٿيا. صورتحال کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪرڻ تي صدر ۽ اتحادين جو ٿورائتو آهيان، تحريڪ هلائيندڙن پنهنجي جائز معاملن جي لاءِ هڪ جمهوري ان??از ۾ پنهنجو احتجاج رڪارڊ ڪرايو پر ان تحريڪ ۾ ڪجهه اهڙا شرپسند عنصر هئا جن جو مقصد هو ته ڪنهن طريقي سان آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀڃ ڊاهه، ان??اني جانين جو زيان ۽ جلاءُ گهيراءُ ڪيو وڃي. آزاد ڪشمير جي مضبوط ۽ جاندار قوم پنهنجي مفاد کي بهتر طريقي سان ڄاڻي ٿي. پاڪستان جي 25 ڪروڙ عوام ڪشميرين جي قربانين کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي. ڪشميرين جون قربانيون رائيگان نه وينديون. پاڪستان ڪشميري عوام جي لاءِ پوري دنيا ۾ آواز اٿاريندو رهندو. او آءِ سي جي ڪانفرنس ۾ به نائب وز??راعظم ۽ پرڏيهي وز??ر اسحاق ڊار ڪشميري عوام جي لاءِ ڀرپور آواز اٿاريو ۽ جيڪو پڌرنامو جاري ٿيو ان ۾ ڪشمير جو ڀرپور طريقي سان ذڪر ڪيو ويو آهي. ايران جي صدر ڊاڪٽر ابراهيم رئيسي جي پاڪستان جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس ۾ مون ڪشمير جي ڳالهه ڀرپور طريقي سان ڪئي ۽ ڪشمير مسئلي تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي. اهي رڳو زباني ڳالهيون نه آهن، اها دلين جي ڳالهه آهي. ڪشميرين جي هر فورم تي اخلاقي ۽ سفارتي امداد جاري رکنداسين. وز??راعظم چيو ته آزاد ڪشمير ۾ جيڪو ڪجهه ڏينهن ا?? جيڪا تحريڪ هلي ان ۾ بدقسمتي سان هڪ پوليس اهلڪار ۽ ڪجهه شهري مارجي ويا ۽ ڀڃ ڊاهه ٿي ان جي جيتري به مذمت ڪئي وڃي گهٽ آهي، ائين نه ٿيڻ گهرجي ها. شهيدن جي گهرڀاتين کي امدادي پئڪيج ڏنو ويندو. وفاقي حڪومت آزاد ڪشمير جي لاءِ 23 ارب رپين جو پئڪيج منظور ڪيو. 23 ارب رپيا آزاد ڪشمير حڪومت جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي چڪا آهن. اهو ڪو احسان نه آهي اسان جو فرض آهي. ڪشمير پاڪستان جي شهه رڳ آهي. پاڪستان ۽ ڪشمير جي عوام جي هڪ ٻئي سان والهاڻي محبت آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ بيگناهه ڪشميرين جو رت وهايو پيو وڃي. ڪشميرين سان جيلن ۾ زيادتي ٿي رهي آهي. ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير جي ڀينرن ڀائرن جون قربانيون رنگ آڻينديون. پاڪستان ڪشميرين جي سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکندو. اهڙي طرح فلسطين ۾ 36 هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو ويو آهي. هزارين ٻار، عورتون ۽ مرد شهادت ماڻي چڪا آهن پر دنيا ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي خاموش تماشائي بڻيل آهي. اسان کي پنهنجي پرامن جدوجهد ۽ اخلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻي آهي. ان??اءَ الله اهو ڏينهن جلد ايندو جڏهن ڪشميري ۽ فلسطيني عوام کي انهن جا حق ملندا. وز??راعظم چيو ته آزاد ڪشمير جي ترقي پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي سان ڳنڍيل آهي. آءِ ايم ايف جي ٽيم پاڪستان جي دوري تي آهي. ٽيم جي دوري کانپوءِ التوا هيٺ معاملن جو جلد جامع ڳالهه ٻولهه سان حل ڪڍنداسين ته جيئن ا??تي اهڙي طرح جا واقعا نه ٿين. پاڻي جي حوالي سان جيڪي معاملا آهن انهن جو به حل ڪڍيو ويندو. وز??راعظم چيو ته منگلا فيز ٽو جي ??اق?? ڪم کي جلد مڪمل ڪيو ويندو. اهڙي طرح نيلم جهلم جي حوالي سان معاملن کي پڻ مشاورت سان حل ڪيو ويندو. ان جي لاءِ مختصر، وچولي ۽ ڊگهي مدي وارا پلان تيار ڪيا و??ن ته جيئن آزاد ڪشمير جي عوام کي ان ڳالهه جو يقين ٿي وڃي ته رڳو ڳالهيون نه عمل به ٿي رهيو آهي. ان جي لاءِ ڪميٽي جوڙي وڃي جيڪا معاملن کي اڳتي وڌائي. آزاد ڪشمير جي وز??راعظم کي ذاتي طور تي انهن معاملن کي نگراني ڪرڻ گهرجي. ڪفايت شعاري جي لاءِ آزاد ڪشمير جي حڪومت جي قدمن کي ساراهيون ٿا. اڄ اسان جو ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، جيڪڏهن قرضن مان جان ڇڏرائڻي آهي ته ڏينهن رات محنت ڪرڻي پوندي. وز??راعظم چيو ته الله تعاليٰ پاڪستان ۽ آزاد ڪشمير جي معدنيات جا بي شمار خزانا آهن پر بدقسمتي سان 76 سالن ۾ اسان انهن مان فائدو نه کڻي سگهياسين، هاڻي اسان کي ان حوالي سان عملي قدم کڻڻا پوندا. ان موقعي تي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن وارو وفاقي وز??ر ان??نيئر امير مقام، صنعت ۽ پيداوار وارو وفاقي وز??ر راڻا تنوير حسين، وفاقي گهرو وز??ر محسن نقوي، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وز??ر عطاءُ الله تارڙ ۽ آزاد ڪشمير جو وز??راعظم چوڌري انوارالحق به موجود هئا. ان موقعي تي آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران فوت ٿيندڙن جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني پڻ ڪئي وئي.
آزاد ڪشمير ۾ احتجاجي تحريڪ دوران شرپسند عنصرن پاران صورتحال کي خراب ڪرڻ ۽ جلاءُ گهيراءُ جي ڪوششون ناڪام ٿي ويون، معاملن کي بهتر طريقي سان حل ڪيو ويو: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی پیشگوئی