شينزن – 05 – جون (اي پ?? پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف شينزن ۾ ن??نشان ون اسٽاپ سروسز ??ينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو ڪيو ۽ موقعي تي ئي وفاقي وز??رن ۽ لاڳاپيل پاڪستاني عملدارن کي اڄ ئي نانشان ون اسٽاپ سروسز ??ينٽر سان ڳالهيون ڪري پاڪستان ۾ اهڙي جديد نظام جي قيام جي لاءِ حڪمت عملي کي حتمي شڪل ڏيڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نانشان ون اسٽاپ سروسز ??ينٽر پهچڻ تي شينزن نانشان ڊسٽرڪٽ پيپلز گورنمينٽ جي پارٽي ليڊرشپ گورنمينٽ جي ميمبر ۽ ڊپٽي ميئر لي زنها وز??راعظم جو استقبال ڪيو. نانشان ون اسٽاپ سروسز ??ي دوري دوران وز??راعظم کي ڪمپنين جي هڪ ئي ڇت هيٺ رجسٽريشن ۽ ٻي ڪارروائي جي حوالي سان ڊيجيٽل نظام تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم نانشان ون اسٽاپ سروسز ۾ ڪمپني ۽ ڪاروبار جي رجسٽريشن جي لاءِ جديد نظام کي ساراهيو. وز??راعظم انفارميشن ٽيڪنالاجي واري مملڪتي وز??ر شزه فاطمه خواجه، انفارميشن ٽيڪنالاجي واري سيڪريٽري ۽ ٻين لاڳاپيل عملدارن کي پاڪستان ۾ اهڙو نظام متعارف ڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي نانشان ون اسٽاپ سروسز ??ي عملدارن سان ڳالهيون ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ هن چيني تعاون سان پاڪستان ۾ فوري طور تي اهڙا سينٽر قائم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستاني عملدارن کي ضروري قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. وز??راعظم پاڪستاني عملدارن کي شهرين کي بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ جي لاءِ اهڙو ئي جديد ۽ تيز تر نظام متعارف ڪرائڻ جي هدايت پڻ ڪئي. وز??راعظم شينزن جي ارتقاءَ ۽ ترقي جي حوالي سان قائم شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو پڻ ڪيو. دوري دوران وز??راعظم کي شينزن جي تر??ي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم ميوزيم جي مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ شينزن جي گهٽ مدي ۾ ترقي جي سفر کي ساراهيو.
وزيراعظم پاران شينزن ۾ نانشان ون اسٽاپ سروسز سينٽر ۽ شينزن ايگزيبيشن ميوزيم جو دورو
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ