اسلام آباد – 25 جولاءِ (اي پي پي) دنيا ۾ عسڪري معاملن تي نظر رکندڙ اداري اسٽاڪ هوم انٽرنيشنل پيس ريسرچ ا??سٽيٽيوٽ (سپري) تازي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته دنيا ۾ دفاع تي سڀني ??ان وڌيڪ خرچ ڪندڙ ملڪن ۾ ڀارت چوٿين نمبر تي آهي، گذريل پنجن سالن دوران هو دنيا ۾ سڀني ??ان وڌيڪ عسڪري سامان خريد ڪندڙ ملڪ رهيو. ڪشمير ميڊيا سروس مطابق نريندر مودي جي قيادت هيٺ بي جي پي جي ڀارتي حڪومت گذريل ڏينهن جيڪا سالياني بجيٽ پيش ڪئي ان مان پڻ ظاهر ٿئي ٿو ته ڀ??رت جو دفاع جي شعبي تي ڌيان ۾ اضافو ٿيو آهي. 25-2024ع لاءِ ڀارتي پارليامينٽ ۾ 48 لک ڪروڙ روپين جي جيڪا بجيٽ پيش ڪئي وئي آهي ان ۾ سڀني ??ان وڌيڪ اٽڪل 6 لک 22 هزار ڪروڙ روپيا دفاع جي شعبي لاءِ رکيا ويا آهن جيڪا مجموعي بجيٽ جو اٽڪل 13 سيڪڙو بڻجي ٿي. مبصرن بي بي سي اردو سروس سان ڳالهائيندي چيو ته گذريل سال وانگر ايندڙ سال جي ڀارتي دفاعي بجيٽ پڻ چين ۽ پاڪستان کي نظر ۾ رکندي رکي وئي. ڀارتي حڪومت جو چوڻ آهي ته هلندڙ مالي سال لاءِ رکيل اضافي فنڊز جو مقصد هٿياربند فوج کي جديد ترين ٽيڪنالاجي، هٿيارن، جنگي جهازن، آبدوزن، پليٽ فا??مز?? بغير پائلٽ جي فضائي گاڏين، ڊرونز ۽ خاص مهارت واريون گاڏيون وغيره حاصل ۽ تيار ڪرڻ آهي.
ڀارت دنيا ۾ سڀني کان وڌيڪ عسڪري سامان خريد ڪندڙ ملڪ بڻجي ويو: رپورٽ
مضمون کا ماخذ : لوٹوفاسیل