اسلام آباد – 02 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ سي پيڪ جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي چيني قيادت جي ويزن کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪس??ان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف سان پاڪس??ان ۾ مقرر چيني سفير جيانگ زيڊانگ ملاقات ڪئي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيني سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪ چين دوستي وقت جي هر آزمائش تي پورو لٿي ??هي?? چين هر مشڪل وقت ۾ پاڪس??ان جو غيرمشروط ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته پاڪ چين اسٽريٽجڪ لاڳاپن ۾ مسلسل بهتري ۽ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي اپ گريڊيشن جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جو چيني قيادت جو ويزن ساراهه جوڳو ??هي?? پاڪ چين دوستي ٻنهي ملڪن سان گڏوگڏ خطي ۽ عالمي امن ۽ ترقي جي لاءِ لازمي آهي. وزيراعظم چيو ته پاڪس??ان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعي ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي. ملاقات ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، وزيراعظم جو خاص معاون طارق فاطمي ۽ لاڳاپيل آفيسرن شرڪت ڪئي.
پاڪستان چين سان انفارميشن ٽيڪنالاجي، مصنوعات ذهانت، جديد زراعت ۽ ٻين شعبن ۾ حصيداري جي فروغ جو خواهشمند آهي: وزيراعظم محمد شهباز شريف
مضمون کا ماخذ : apostas lotomania