اسلام آبا??-04 ??يپٽمبر (اي پي پي)پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن خميس 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو. ھر سال سڄي دنيا ۾ خيرات ۽ عطيي سان ماڻھن جون حياتيون بچائڻ ۽ بھتري آڻڻ، بيمارين خلاف جھاد، ٻارن جي تحفظ ۽ ھزارين ماڻھن کي اميد ڏيڻ ۾ مدد ملندي آھي. عطيي جي اھميت کي نظر ۾ رکندي گڏيل قومن 2012ع ۾ اھو ڏينھن عالمي سطح تي ملھائڻ جو فيصلو ڪيو ھو جنھن بعد ھر سال باقاعدگي سان اھو ڏينھن ملھايو ويندو آھي. ھن ڏينھن کي 5 سيپٽمبر تي ملھائڻ جو ھڪ مقصد اهو به آهي ته اهو م??ر ٽريسا جو 5 سپٽمبر تي وفات جو ڏينھن پڻ آھي. جنھن پنھنجي سڄي ڄمار خير جي ڪمن لاءِ وقف ڪئي ھئي. ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو مقصد مختلف خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ آھي. عالمي ڏينھن جي موقعي تي مختلف تقريبون منعقد ٿيڻ ذريعي خيراتي ڪمن کي اجاگر ڪرڻ ۽ وڌ کان وڌ ماڻھن کي شامل ڪرڻ جي ??رغ??ب ۽ آگاھي سميت سڄي دنيا ۾ خيراتي ڪمن جي مسئلن کي نمايا ڪيو ويندو آھي ته جيئن اسرندڙ ??لڪ?? ۾ غربت جي خاتمي لاءِ ھنن ڪمن کي وڌ کان وڌ هٿي ڏئي سگهجي. ھڪ تحقيق مطابق هر ملڪ خاص ڪري اثرندڙ ??لڪ?? کي معاشي، سماجي ۽ ثقافتي صورتحال سبب غربت جھڙين چيل??جن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آھي. اھو ئي سبب آھي ته گڏيل قومن جي سمورن ميمبر ??لڪ?? تي زور ڀريو ويو آھي ته اهي خيراتي تنظيمن ۽ ماڻھن جي ڪوششن ۾ پنھنجو حصو وجھن ته جيئن غربت جي عالمي مسئلن کي منھن ڏنو وڃي.
پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ خيرات جو عالمي ڏينھن 5 سيپٽمبر تي ملھايو ويندو
مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل