اسلام آباد – 05 – سيپٽمبر (اي پي پي) ناليواري عالمي ٽيڪنالاجي ڪمپني گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪرڻ جي قدم جي شروعات ڪري ڇڏي آهي، ان موقعي تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي پهريون ڪروم بڪ پيش ڪيو ويو. ”اي گوگل پاڪستان اڳتي وڌو“ جي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد شهباز شريف عالمي سطح تي ۽ پاڪستان ۾ گوگل جي تعاون کي ساراهيندي چ??و ته ان جي حصيداري ۽ خدمتون ساراهه جوڳيون آهن. هن چ??و ته ملڪ جي نوجوان نسل انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ تمام گهڻي قابل آهي جيڪا پاڪستان جي معاشي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهي ٿي. هن چ??و ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون پنهنجي تعليم ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ سمورا ممڪن و??يلا استعمال ۾ آڻينديون. وزيراعظم چ??و ته حڪومت ايندڙ 5 سالن ۾ آءِ ٽي ايڪسپورٽ جو هدف 25 ارب ڊالر مقرر ڪيو آهي جيڪو حاصل ڪري سگهجي ٿو. هن آءِ ٽي ماهرن ۽ صنعتڪارن کي چ??و ته اهي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن ۽ فري لانسرز کي فروغ ڏيڻ سان گڏوگڏ هدف حاصل ڪرڻ ۾ حڪومت جي مدد جي لاءِ هڪ منصوبو پيش ڪن. وزيراعظم شهباز شريف پاڪستان جي عوام جي بهترين مفاد ۾ وڏي پئماني تي بدعنواني مان ڇوٽڪاري جي لاءِ ملڪ جي گورننس سسٽم کي مڪمل طور تي پيپرليس ۽ ڊيجيٽلائيزڊ ڪرڻ جو عزم ڪيو. هن چ??و ته حڪومت شفاف طريقي سان آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن جي وزارت جي لاءِ هڪ نئين سيڪريٽري جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪميونيڪشن و??ري مملڪتي وزير شزه فاطمه خواجه چ??و ته پاڪستان ۾ گوگل جون خدمتون ساراهه جوڳيون آهن، گوگل وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت پاڪستان جي ڊيجيٽلائيزيشن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. هن چ??و ته مصنوعي ذهانت ۽ ڊيجيٽلائيزيشن سان اسان هدف حاصل ڪري سگهون ٿا، اسان کي پنهنجي نوجوانن کي هنرمند بڻائڻو آهي، 75 هزار آءِ ٽي گريجوئيٽس جي فني صلاحيتن کي وڌيڪ ٺوس ڪرڻو آهي. گوگل پاڪستان جي ڪنٽري ڊائريڪٽر فرحان قريشي تقريب کي خطاب ڪندي چ??و ته انفارميشن ٽيڪنالاجي تي ڌيان ڏيڻ سان ملڪ ۾ معاشي سرگرميون وڌائڻ ۾ مدد ملندي. هن ان ڳالهه تي روشني وڌي ته پاڪستان ۾ فري لانسرز جي لاءِ ٽيڪنالاجي جي مختلف شعبن ۾ اڳتي وڌڻ جا وسيع موقعا موجود آهن، گوگل ڊيٽا ايناليٽڪس، مصنوعي ذهانت ۽ سائبر سيڪيورٽي تي 4 کان 6 مهينن جي عرصي جا ڪورسز ڪرائي رهيو آهي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ ۽ منصوبابندي ۽ ترقي وارو وفاقي وزير احسن اقبال پڻ موجود هئا. ان موقعي تي گوگل جي اي پي اي سي ريجن جي صدر اسڪاٽ بيو مونٽ وزيراعظم کي مقامي طور تي تيار ڪيل پهريون ڪروم بُڪ پيش ڪيو.
گوگل پاڪستان ۾ 5 لک ڪروم بڪس تيار ڪرڻ جي قدم جي شروعات ڪري ڇڏي، وزيراعظم شهباز شريف کي پهريون ڪروم بُڪ پيش
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔