اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) ص??ر آصف علي زرداري معاشري جي محروم ۽ پٺتي پيل طبقي کي مفت طبي ۽ صحت جون سهولتون فراهم ڪندڙ عبدالقدير ??ان اسپتال ٽرسٽ کي پنهنجي تعاون جو يقين ڏياريندي ضرورتمند ماڻهن کي پهچ جوڳي صحت جي سهولتن تي ٽرسٽ جي خدمتن کي ساراهيو آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر اهڙن خي??لن جو اظهار عبدالقدير ??ان اسپتال ٽرسٽ جي چيئرپرسن ڊاڪٽر دينا ??ان جي قيادت ۾ وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ قومي اسيمبلي ميمبر آصفه ڀٽو زرداري پڻ موجود هئي. صدر چيو ته ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان جي قوم جي لاءِ خدمتن تي پوري قوم سندس مقروض آهي. ڊاڪٽر دينا ??ان صدر کي عوام کي طبي خدمتن جي فراهمي ۾ اسپتال جي ڪارڪردگي بابت آگاهه ڪيو. وفد صدر کي ٽرسٽ کي درپيش مسئلن کان پڻ آگاهه ڪيو. وفد چيو ته اڳوڻي ٽرسٽيز مالي غبن ڪيو ۽ ٽرسٽ جي اڪائونٽس جو غل?? استعمال ڪيو. ص??ر آصف علي زرداري وفد کي انهن جي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. صدر ڊاڪٽر عبدالقدير ??ان اسپتال ٽرسٽ جي خدمتن ۽ ماڻهن پاران عطين کي ساراهيو.
صدر آصف علي زرداري پاران عبدالقدير خان اسپتال ٽرسٽ کي هر ممڪن تعاون جي خاطري
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک