اسلام آباد – 18 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت و??ري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ چيو آهي ته دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا هونديون آهن، آئيني معاملا آئيني عدالتن ۾ ويندا آهن ته جيئن عام شهرين کي انصاف جي فراهمي جي راهه ۾ رڪاوٽ نه اچي ۽ انهن جا ڪيسز جلد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچي سگهن. صحافين سان ڳالهائيندي اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان وسيع تر مشاورت جو سلسلو ج??ري آهي، سمورين س??اس?? پارٽين نه رڳو پاڻ ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي پر اها ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿئي. هن چيو ته ان حوالي سان پارليامينٽ پڻ پنهنجو ڪردار ادا ڪيو، مخالف ڌر ۽ حڪومتي پارٽين پارليامينٽج ي اندر ۽ پارليامينٽ جي ٻاهر انهن ترميمن تي تفصيلي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ ڪوشش ڪئي ته ان تي اتفاق راءِ پيدا ٿي وڃي. هن چيو ته قانون و??ري وزير جو ان حوالي سان ڪردار ساراهه جوڳو آهي، هن انهن ترميمن جي حوالي سان سمورين پارٽين کي انگيج ڪيو ۽ آئيني ترميمن جي مسودي جي حوالي سان پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چيو ته اسپين، جرمني، اٽلي سميت دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا آهن ۽ آئيني عدالتن جي اندر آئيني معاملا ويندا آهن ته جيئن ٻين ڪيسن ۾ عام شهرين جا ڪيسز وقت سر اڪلائي سگهجن ۽ انهن کي انصاف ملي سگهي. هن چيو ته پاڪستان واحد ملڪ آهي جتي 9 مئي جي ڪيسز جو به فيصلو ناهي ٿي سگهيو. وفاقي وزير چيو ته آمريڪا ۾ ڪيپيٽل هل جا ڪيسز ڪجهه مهينن ۾ اڪلايا ويا، جن ماڻهن به هلڙبازي ڪئي، سرڪ??ري ملڪيتن کي نقصان پهچايو ۽ حملو ڪيو اهي سمورا ماڻهو پنهنجي ڪردار ڪردار تائين پهتا. هن چيو ته ڪهڙو سبب آهي جو هتي 9 مئي جي ڏوهارين جي ڪيسز تي اڃا تائين فيصلا نه ٿي سگهيا آهن. هن چيو ته آئيني ترميمن جو مقصد رڳو ايترو آهي ته آئيني عدالتون جدا ڪيون وڃن ته جيئن آئيني معاملا جدا ٻڌي سگهجن ۽ ٻين عدالتن ۾ پاڪستان جي شهرين جي ڪيسز جو وقت سر فيصلو ٿي سگهي، عدليه ۾ هزارين ڪيسز التوا جو شڪار ٿين ٿا. هن چيو ته قانون و??ري وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي پي ٽي آءِ سياست ڪئي ۽ چيو ويو ته اسان جي ليڊر کي ٻاهر ڪڍو پوءِ آئيني ترميمن تي ڳالهه ٿيندي. وفاقي وزير چيو ته ڪو اين آر او ملڻ نه وڃي رهيو آهي، جيڪڏهن اهي سمجهن ٿا ته آئيني ترميمن تي انصاف جي فراهمي کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف حاصل ڪرڻ کي بهتر شڪل ڏيڻ تي اهي پنهنجي ڊيمانڊ کڻي ايندا ته اسان جي ليڊر کي ڇڏيو، ته انهن جي اين آر او ملڻ جي خواهش پوري نه ٿيندي. اها انهن جي پراڻي خواهش آهي، پنهنجي ان خواهش کي بارگيننگ جي لاءِ استعمال نه ڪن. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان مشاورت جو دائرو وسيع ڪيو پيو وڃي، مولانا فضل الرحمان سان پڻ ڳالهه ٻولهه ج??ري آهي. وفاقي وزير چيو ته قانون و??ري وفاقي وزير جيڪو مسودو تيار ڪيو ان تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، اهو مسودو قانون و??ري وزير جي ٽيم تيار ڪيو، قانون و??ري وزارت ۾ ليگل ٽيم ۽ ڊرافٽس مين موجود هوندا آهن، قانون و??ري وزير جيڪا به هدايت ج??ري ڪئي ان موجب مسودي کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو رهيو، اهو مسودو پيپلزپارٽي ۽ جي يو آءِ سميت ٻين س??اس?? پارٽين وٽ موجود هو، انهي لاءِ ان جي سمورين شقن تي ڳالهه ٻولهه ۽ مشاورت ٿي رهي آهي. هن چيو ته آئيني ترميم هڪ جامع دستاويز آهي جنهن ۾ ججن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ، انصاف جي نظام کي آسان بڻائڻ ۽ انصاف جي وقت سر فراهمي جي لاءِ شقون موجود آهن. هن چيو ته چارٽر آف ڊيموڪريسي ۾ به آئيني عدالت تي رضامندي ظاهر ڪئي وئي هئي، وڪيل برادري پاران به ان تي بيان اچي چڪا آهن، ان تي و??يڪ مشاورت ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪري ان کي اڳتي وڌڻ گهرجي. هن چيو ته آئيني ترميمن جي حوالي سان ابهام ۽ قياس آرائيون پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، ڪجهه اين آر او گهري رهيا آهن، اهو ملڪي سالميت ۽ آئين جو معاملو آهي، اسان جي درخواست آهي ته ان تي قياس آرائين کان پاسو ڪيو وڃي. هن چيو ته اسان ان تي اڳتي وڌي رهيا آهيون، س??اس?? پارٽين مشاورت سان اپ ڊيٽيڊ مسودو تيار ڪيو آهي، ان تي مشاورت ٿي رهي آهي ۽ اهو معاملو جلد پنهنجي منطقي انجام تائين پهچندو. وفاقي وزير چيو ته آئيني ترميمن جي مسودي جي تي??ري ۾ ٻين ملڪن کي پڻ ڏٺو ويو آهي جتي آئيني عدالتون موجود آهن اتي عدليه جو نظام بهتر آهي، انهن ملڪن ۾ شهرين کي جلد انصاف جي فراهمي ملي ٿي. هن چيو ته ايندڙ ڏينهن ۾ ان معاملي تي و??يڪ اتفاق راءِ پيدا ٿيندو.
دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن ۾ سپريم ڪورٽ جدا ۽ آئيني عدالتون جدا هونديون آهن: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : jogos de azar no Brasil