رياض – 30 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزير??عظ?? محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري رياض کان دوحه، قطر روانو ٿي و??و. رياض جي نائب گورنر شهزاده عبدالرحمان بن عبدالعزيز شاهه خالد عالمي هوائي اڏي تي وزير??عظ?? کي الوداع ڪيو. وزير??عظ?? آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ان موقعي تي پاڪستان جو سعودي عرب ۾ سفير احمد فاروق ۽ پاڪستان ۽ سعودي عرب جا اعليٰ سفارتي آفيسر ۽ اهلڪار پڻ موجود هئا. وزير??عظ?? رياض ۾ اٺين فيورچ انويسٽمينٽ انيشي ايٽو (ايف آءِ آءِ) ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب پڻ ڪيو. وزير??عظ?? فورم ۾ پاڪستان جي سيڙپڪاري جي صلاحيت ۽ حڪومت پاران معاشي سڌارن ۽ ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي سهولت لاءِ کنيل قدمن کي اجاگر ڪيو. وزير??عظ?? جي اعليٰ سعودي قيادت خاص طور تي سعودي عرب جي و??ي عهد محمد بن سلمان بن عبدالعزيز آل سعود سان پڻ ٻطرفي ملاقات ٿي جتي هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، نا??ي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب، نجڪاري وارو وفاقي وزير عبدالعليم خان، پيٽروليم وارو وفاقي وزير ڊاڪٽر مصدق ملڪ، واپار وارو وفاقي وزير ڄام ڪمال خان ۽ اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير عطاءُ الل?? تارڙ پڻ وزير??عظ?? سان گڏ هئا.
وزيراعظم محمد شهباز شريف سعودي عرب جو ٻن ڏينهن جو سرڪاري دورو مڪمل ڪري رياض کان قطر روانو
مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز