اسلام آباد-30 آڪٽوبر (اي پي پي) سامونڊي معاملن واري وفاق?? وزير قيصر احمد شيخ پاڪستان جي بيلو اڪانومي کي مضبوط بنائڻ ??اء?? اسٽريٽجڪ شراڪتداريءَ تي زور ڀريو آهي. گذريل ڏينهن هن نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو ڪيو جنهن ۾ سامونڊي معاملن وار?? وزارت ۽ اين آءِ ايم اي وچ ۾ وڌ کان وڌ سهڪار جي اهميت کي اجاگر ڪيو ويو ته جيئن پاڪستان جي سامونڊي شعبي ۽ ملڪ جي بليو اڪانومي ۾ ترقيءَ کي اڳتي وڌائي سگهجي. وفاق?? وزير ايڪوڪلچر، ??ري?? شپنگ، ميري ٽائم ٽوئر ازم ۽ ??ري?? شپ ري سائڪلنگ جهڙن اهم سامونڊي شعبن کي اڳتي وڌائڻ ۾ گهري دلچسپيءَ جو اظهار ڪيو. وفاق?? وزير دؤري دوران ميري ٽائم پاليسي جوڙڻ، تحقيق ڪرڻ ۽ پاڪستان جي سامونڊي مفادن کي اڳتي وڌائڻ ۾ اين آءِ ايم اي جي ڪردار بابت تفصيلي بريفنگ حاصل ڪئي. بريفنگ ۾ ان ڳالهه تي زور ڀريو ويو ته پاڪستاني سامونڊي معيشت ان وقت ملڪي جي ڊي پي جي 0.2 سيڪڙو کان به گهٽ نمائندگي ڪري رهي آهي جيڪا 8-10 سيڪڙو جي عالمي معيار جي بلڪل ابتڙ آهي. اين آءِ ايم اي جي حڪومتي، قومي ۽ عالمي شراڪتدارن سان جاري حصيداريءَ کي به سامونڊي شعبي ۾ ترقيءَ کي تيز ڪرڻ ??اء?? ضروري قرار ڏنو ويو. بريفنگ ۾ بليو اڪانومي جي مختلف پهلوئن بابت مختلف امڪانن جي ڳولا جو جائزو ورتو ويو ۽ ملڪ جي سامونڊي وسيلن کي ڪتب آڻڻ ??اء?? هڪ اثرائتي قومي ايڪشن پلان جي فوري ضرورت جي نشاندهي ڪئي وئي. وفاق?? وزير ميري ٽائم جي سمورن شعبن ۾ پائيدار ترقيءَ ??اء?? مستقبل جو روڊ ميپ قائم ڪرڻ ??اء?? سامونڊي معاملن وار?? وزارت ۽ اين آءِ ايم اي ۽ ٻين ميري ٽائم اسٽيڪ هولڊرن وچ ۾ اثرائتي ڪوششن جي اهميت تي زور ڀريو.
وفاقي وزير قيصر احمد شيخ جو نيشنل انسٽيٽيوٽ آف ميري ٽائم افيئرز جو دؤرو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II