اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ گذريل رات ڊي چوڪ ۽ جناح ايونيو جو خصوصي دورو ڪيو ۽ شرپسندن جي احتجاج سان ٿيندڙ نقصانن جو جائزو ورتو. اطلاعات واري وفاقي وزير ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين ويو جتي سمورا رستا صاف هئا، مڪمل طور تي امن هو. ان موقعي تي اطلاعات واري وفاقي وزير حقيقتن کان آگاهه ڪندي چيو ته ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين رستا بلڪل سنسان آه??، انتشار ڦهلائيندڙ بنا سامان کڻڻ جي هتان ڀڄي ويا، انهن جي فائنل ڪال جو ڇا ٿيو؟ ايتري ڀڃ ڊاهه ڪري، ڀڀڪيون هڻي موقعي تان ڀڄي وڃڻ سمجهه ۾ نه آيو. ڊي چوڪ کان بليو ايريا واري پاسي تي انهن پنهنجي فائنل ڪال واري ڪنٽينر کي پاڻ باهه لڳائي جنهن ۾ ثبوت موجود هئا ته ڪهڙين ڪهڙين جاين تي حملو ڪرڻو آه??، ڪهڙين ڪهڙين سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻو ۽ ڪهڙو جاني نقصان ڪرڻو آه??، هتي ڪافي دستاويز سڙيل نظر اچي رهيا آه??، انهن جي پوري نيت هئي ته اڳتي پهچي گهيراءُ ڪن ۽ باهيُون ڏين، جاني نقصان ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائن، انهن جا سمورا منصوبا خاڪ ۾ ملي ويا. هن ٻڌايو ته هتي وڻ ٽوڙي، گ??د مچايو، پٿر اڇلايا جهڙي طرح انهن هتي گند مچايو هو گهٽ ۾ گهٽ پنهنجي ڳالهه تي قائم رهن ها، هر ڀيري ڀڄي وڃڻ ضروري هوندو آه??؟ اهو انهن جو شيوو بڻجي ويو آه??، 2014ع جي ڌرڻي کانپوءِ اهي پنهنجي طور تي هي هڪ وڏو احتجاج نه ڪري سگهيا، هاڻي بنا سامان جي حالت ۾ ڊوڙي رهيا آه??. انهن جي ليڊر جيڪا فائنل ڪال ڏني هئي ان جو ڇا ٿيو؟ اهي ليڊر کي آزاد ڪرائڻ آيا هئا ۽ پنهنجا ماڻهو گرفتار ڪرائي فرار ٿي ويا آه??. بشريٰ بي بي ۽ گنڊاپور پاڻ ۾ ڏند چڪ جي ڪري گڏ نه ٿي رهيا هئا، سيڪيورٽي فورسز جا ٿورا جو انهن انهن ٻنهي کي گڏ ڪري ڇڏيو ۽ اهي هڪ ئي گاڏي ۾ ويهي فرار ٿي ويا. هي جنهن ٽرانسپورٽ ۾ آيا هئا ان کي ڇڏي ڀڄي ويا، هتي درجنين وينز بيٺل هيون، انهن جي جُتين، ڪپڙن تائين پيل آه??. زيرو پوائنٽ واري پاسي تي پڻ رستو بلڪل صاف آه??، گ??يراءُ ڪرڻ ۽ باهه ڏيڻ جا نشان نظر اچي رهيا آه??، سڙيل موٽرسائيڪلون ۽ ميٽرو بس جا جنگلا ٽٽل نظر اچن ٿا ان کانسواءِ هتي امن آه??. وفاقي وزير چيو ته انهن فرار ٿيڻ ۾ تمام جلدي ڪئي آه??. هن چيو ته تحريڪ انصاف پاران ڪوڙي پروپئگنڊه ڪئي پئي وڃي ته هتي لاش ڪيرايا ويا آه??، سڌي فائرنگ ڪئي وئي آه??، ان پوري رستي تي اسان کي نه ته ڪٿي گولين جا خول نظر آيا نه لاش نظر آيا ۽ نه انهن وٽ ڪو وڊيو ثبوت آه?? ته هتي ماڻهو ماريا ويا، شرمندگي کان بچڻ جي لاءِ ڪوڙي پروپئگنڊه ڪري رهيا آه??، انهن کي خبر آه?? ته هي بري طرح ناڪام ٿيا آه?? هاڻي ان شيءَ جو سهارو ورتو پيو وڃي ته سڌيون گوليون هنيون ويون آه??، ڪنهن اسپتال ۾ ڪوبه لاش ناهي ويو، منهنجي نوٽيس ۾ اهو به آيو آه?? ته انهن پنهنجي ماڻهن کي ٽاسڪ ڏنو آه?? ته مختلف شهرن ۾ جتي قدرتي فوتگيُون ٿين ته انهن جي گهر وڃي انهن جي خاندان کي پ??سا ڏئي مجبور ۽ قائل ڪن ته انهن جو موت هتي ٿيو آه??. اهڙو ڪو واقعو ٿئي ته سڀ کان پهرين پوسٽ مارٽم ڪرائي ويندي آه?? ۽ رپورٽ گڏ هوندي آه??. هن چيو ته ناڪامي ۽ فرار کانپوءِ هاڻي ڪوڙو بيانيو ٺاهيو پيو وڃي، ان کي رد ڪريون ٿا، اها ناڪامي کان بچڻ جي ڪوشش آه??. هن چيو ته ڪهڙا ماڻهو آه?? جن کي گولي هنئي وئي آه??؟ اهي ڪجهه ماڻهن جون جعلي لسٽون سوشل ميڊيا تي شيئر ڪري رهيا آه??، هاڻي انهن جو اڳيون هدف اهو آه?? ته هي سوشل ميڊيا تي ڪوڙ ڦهلايو وڃي ته ماڻهو مري ويا آه??. وفاقي وزير چيو ته اسان وٽ سي سي ٽي وي فوٽيج موجود آه?? جنهن ۾ انهن جا ماڻهو فائرنگ ڪري رهيا آه??. هن چيو ته هن پوري رستي تي پرامن طريقي سان معاملو رهيو، انهن کي منتشر ضرور ڪيو ويو پر ڪا سڌي فائرنگ نه ٿي نه فوتگيون ٿيون، ڪوڙ ڦهلائيندڙن کي سختي سان منهن ڏنو پيو وڃي. انهن موٽرسائيڪلون ساڙيون. اهي ڀڃ ڊاهه ۽ سرڪاري ملڪيتن کي نقصان پهچائڻ آيا هئا، اهو سمجهه کان ٻاهر آه?? ته انهن جو مقصد ڇا هو؟ ڪلثوم اسپتال ويجهو انهن وڌيڪ ڇڪتاڻ جي ڪوشش ڪئي، هي جيڪي گاڏيون ڇڏي ڀڳا آه?? انهن جو رخ ڊي چوڪ طرف هجڻ گهرجي ها جڏهن ته انهن جو رخ ٻئي طرف نظر اچي رهيو آه?? پر گاڏين سميت نه ڀڄي سگهيا ته ائين ئي فرار ٿي ويا. وفاقي وزير چيو ته مڪافات عمل آه?? ته انهن 9 مئي تي ورديون لڙڪايون هيون اڄ انهن جا ڪپڙا هتي نظر اچي رهيا آه?? جن کي ڇڏي ڀڄي ويا آه??، اها بزدلي جي نشاني آه??. هن چيو ته گذريل ڀيري به علي امين گنڊاپور هتان ڀڄي ويو هو، هن ڀيري به هتان ڀڄي ويو آه??، اها ڪهڙي سياست آه?? جو توهان انتشار ڦهلايو، ڀڃ ڊاهه ڪريو ۽ موقعي تان فرار ٿي وڃو. هن چيو ته هي اسلام آباد ۾ لشڪر ڪشيءَ ڪرڻ آيا هئا، ائين سياست ناهي ٿيندي جو توهان ٻه ڀيرا موقعي تان فرار ٿي وڃو. انهن کي گهرجي ته پنهنجي صوبي ۾ وڃي پنهنجي ماڻهن جي خدمت ڪن.
ڊي چوڪ کان سيونٿ ايونيو تائين رستا بلڪل سنسان آهن، انتشار ڦهلائيندڙ بنا سامان کڻڻ جي هتان ڀڄي ويا، انهن جي فائنل ڪال جو ڇا ٿيو؟ ايتري ڀڃ ڊاهه ڪري، ڀڀڪيون هڻي موقعي تان ڀڄي وڃڻ سمجهه ۾ نه آيو: عطاءُ الله تارڙ
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada