رملا -25 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب جو هڪ وفد هلندڙ هفتي اسرائيل جي اولهندي ڪناري ۾ واقع رمله ش??ر جو دورو ڪندو ۽ اتي فلسطين جي صدر محمود عباس سان ملاقات ڪندو، جڏهن ته اسرائيل ۽??عودي عرب وچ ۾ امن معاهدي کي يقيني بڻائڻ جون سفارتي ڪوششون جاري آ??ن، جنهن ۾ فلسطين ل??ءِ مراعتون شامل ٿي سگهن ٿيون. سعودي خابرو اداري مطابق هڪ فلسطيني عهديدار ٻڌايوته وفد جي قيادت فلسطين ۾ سعودي سفير ڪندو، جنهن جي مقرري گذريل مهيني ڪئي وئي هئي. واضح رهي ته سعودي ولي عهد شهزاده محمد بن سلمان ۽ اسرائيل جو وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو گذريل هفتي چيو هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ معمول جا ناتا قائم ڪرڻ جي معاهدي تائين پهچڻ جون ڪوششون جاري آ??ن. ان دوران آمريڪي عهديدارن اشارو ڏنو آهي، ته واشنگٽن جو اسرائيل سان دفاعي معاهدو ۽ سعودي عرب ل??ءِ سويلين ايٽمي پروگرام سميت ڪو به معاهدو متوقع آهي. واضح رهي ته آمريڪا جي ٽياڪڙي ۾ اسرائيل ۽ فلسطين وچ ۾ امن ڳالهيون 2014ع ۾ ڪٽجي ويون هيون ۽ بعد ۾ تشدد جي لهر سبب ٻنهي ڌرين وچ ۾ ناتا هاڻي تائين خراب هئا جنهن سان امن ڳالهيون بحال نه ٿي سگهيون.
سعودي عرب جو وفد والاريل اولهندي ڪناري ۾ رامله جو دورو ڪندو:فلسطيني عهديدار
مضمون کا ماخذ : estatísticas quina