رياض -26 سيپٽمبر (اي پي پي) سعودي عرب سڄي دنيا ۾ ٻارن جي حقن جي تحفظ لاءِ يونيسيف سان گڏيل معاهدي تي صحيحيون ڪري ڇڏيون آهن. سعودي پري?? ايجنسي مطابق ڪي ايس رلي?? جي نگران اعليٰ عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ۽ يونيسي?? جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڪيٿرين رسل نيويارڪ م گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 78هين سالياني اجلاس جي موقعي تي ان معاهدي تي صحيحيون ڪيون. معاهدي تحت ڪي ايس رليف ۽ يونيسيف وچ ۾ اسٽريٽجڪ شراڪتداري کي مضبوط بڻائڻ، انساني امداد جي فراهمي ۽ رضاڪاراڻه پروگرامن جي حمايت سميت تجربن جي مٽاسٽا لاءِ ملي ڪم ڪندا. ان موقعي تي عبدالله بن عبدالعزيز الربيعه ان ڳالهه تي زور ڀريو ته سعودي عرب يونيسي?? جي منصوبن ذريعي ڪمزور ۽ پٺتي پيل طبقن جي ٻارن ۽ انهن جي خاندان تائين رسائي حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ڪيٿرين رسل سعودي عرب جي شراڪتداري تي يونيسيف طرفان شڪريو ادا ڪندي چيو ته ان سان اداري کي سڄي دنيا ۾ ضرورتمند ??کين ٻارن تائين رسائي ۾ مدد حاصل ٿيندي. هي معاهدو ڪي ايس رلي?? جي هد?? جي فريم ورڪ تحت اچي ٿو جنهن جو مقصد مختلف شعبن ۾ انساني همدردي جي ڪم کي هٿي وٺائڻ لاءِ عالمي ۽ علائقائي انساني تنظيمن سان سهڪار کي وڌائڻ آهي.
سعودي عرب ۽ يونيسيف وچ ۾ گڏيل معاهدي تي صحيحيون
مضمون کا ماخذ : quina acumulada