حيدرآباد – 27 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين شهرن وانگر حيدرآباد ۾ به ميٽرو بس سروس شروع ڪئي ويندي، عوام ووٽ گهرڻ لاءِ ايندڙن کان پڇي ته انهن عوام جي لاءِ ڇا ڪيو آهي؟ ۽ هو ڇا جي لاءِ ووٽ گهرڻ آيا آهن؟ 2008ع کان پهرين مشرف جي حڪومت هئي ۽ پوءِ 2013ع تائين پيپلزپارٽي جي حڪومت هئي، اها ترقي ان دور ۾ ڇو ناهي ٿي. ورڪرز ??نو??نشن کي خطاب ڪندي وزيراعظم محمد نواز شريف ??نو??نشن ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جي جوش ۽ جذبي کي ساراهيندي چيو ته وٽس انهي جوش ۽ جذبي جي ساراهه لاءِ لفظ نه آهن. هن چيو ته آئون ڪارڪنن کي دل جي گهراين سان سلام پيش ڪريان ٿو. وزيراعظم چيو ته جڏهن هو ??نو??نشن ۾ شرڪت ??ي لاءِ هتي اچي رهيو هو ته رستي ۾ ڪيترائي نوجوان ۽ اسان جون ڀينرون واپس و??ي رهيا هئا ۽ هتي ڪافي رش هئي ۽ تمام گهڻا ماڻهو گڏ هئا، جنهن سبب اهي ماڻهو مجبور ٿي واپس و??ي رهيا هئا ۽ مون کي تمام گهڻو افسوس ٿي رهيو هو ته اهي جاءِ نه هجڻ سبب واپس ويا انهن سڀني کان معذرت ڪريان ٿو، آئون ٻيهر حيدرآباد ايندس ۽ انهن سڀني سان ملندس ۽ انهن سان دل جون ڳالهيون ڪندس پر اڄ پروگرام موجب طئي هو ته اڄ اسان هتي ??نو??نشن جي شڪل ۾ توهان سان ڳالهايون.
وزيراعظم پاران حيدرآباد ۾ عالمي هوائي اڏو ۽ يونيورسٽي تعمير ڪرڻ جو اعلان
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ