ڪرتارپور – 09 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران ??ان چيو آهي ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ بنيادي مسئلو ڪشمير جو آهي، ڪشمير جو تڪرار حل ٿيڻ سان سڄو ننڍو کنڊ ترقي جي رستي تي گامزن ٿيندو ۽ امن سان ڪروڙين ماڻهن جو ڀلو ٿي سگهي ٿو، هي رڳو زمين جو معاملو نه آهي پر انسانيت جو مسئلو آهي، والاريل ڪشمير ۾ انسانن سان جا??ورن وانگر سلوڪ ڪيو پيو وڃي، خوشي آهي ته ڪرتارپور لنگهه کولڻ سان سکن جي دل خوشي سان ڀريل آهي. ڪرتارپور لنگهه جو باضابطا افتتاح ڪرڻ کانپوءِ تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران ??ان بابا گرو نانڪ ديوجي جي 550 هين سالگرهه تي سموري سک برادري کي مبارڪباد ڏني ۽ انهن کي ڪرتارپور اچڻ تي ڀليڪار چيو.
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا